| لبنان جنگبندي امن لاءِ اهم اڳڀرائي قرار، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ رابطن ۾ آهي: صدر/وزيراعظم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم شهباز شريف لبنان ۾ جنگبندي جي اعلان جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن ۽ سڪون جي بحالي ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان خطي جي استحڪام کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته پائيدار امن رڳو ڳالهين، خودمختياري جي گڏيل احترام ۽ عالمي قانونن جي پاسداري ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جنگبندي جٽادار امن ڏانهن اڳڀرائي جو هڪ موقعو آهي. صدر چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڀائيوارن سان سرگرم رابطن ۾ آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته لبنان ۾ جنگبندي جي اعلان جو ڀليڪار ڪريون ٿا، جنگبندي سفارتي ڪوششن جي ڪاميابي آهي، وزيراعظم لبنان ۾ جنگبندي کي خطي ۾ امن لاءِ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. شهباز شريف چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ سفارتي ڪوششون قابل تحسين آهن. پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندو.