| لبنان جنگبندي بعد ايران جو هرمز مڪمل کولڻ جو اعلان، آمريڪا پاران آجيان، تهران يورينيم حوالگي لاءِ راضي آهي: ٽرمپ |
تهران (م ڊ) ايران لبنان ۾ جنگبندي کانپوءِ هرمز کاڙيکولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته لبنان ۾ جنگبندي کي ڏسندي هرمز کاڙيمان سڀني واپاري بحري جهازن جي اچ وڃ جنگبندي جي باقي مدي لاءِ مڪمل طور کولي رهيا آهيون. هن چيو ته اها اچ اوڃ ان گڏيل رستي موجب هوندي، جنهن جو اعلان اڳ ئي پورٽس اينڊ ميري ٽائم آرگنائيزيشن آف ايران طرفان ڪيو ويو آهي، جيڪا اسلامي جمهوريه ايران تحت ڪم ڪندي آهي. هوڏانهن ايراني فوج چيو آهي ته فوجي جهازن کي هرمز کاڙيمان گذرڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته واپاري جهاز مقرر رستي ۽ پاسداران انقلاب نيوي جي اجازت سان گذري سگهن ٿا. ايران جي اعلان کان اڳ ايران جا 4 جاهز آمريڪي ناڪابندي پار ڪري ويا. اهي سڀئي ڪنٽينر جهاز هئا انهن مان ٽي ايراني جهنڊي سان رجسٽر ٿيل آهن، جڏهن ته چوٿون ڪوموروس لاءِ تووالو ۾ رجسٽر ٿيل آهي. آذرگون ايراني بندرگاهه شاهد راجائي کان روانو ٿيو ۽ هندستان ۾ ڪنڊلا وڃي رهيو آهي. اشڪن 3 چابهار کان روانو ٿيو ۽ ڪراچي جي ويجهو آهي. شبديس ايران جي بندرگاهه چابهار کان روانو ٿيو ۽ چين جي شهر زوهائي ويندو. تاوا 4 امام خميني بندرگاهه کان روانو ٿيو ۽ جواهر لال نهرو بندرگاهه ممبئي وڃي رهيو آهي.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران پاران هرمز کاڙي کولڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن ۾ پيدا ٿيل ايٽمي دز ۽ تمام گهڻو رچايل يورينيم آمريڪا جي حوالي ڪيو ويندو پر ان لاءِ ڪو به معاوضو ادا نه ڪيو ويندو، اسرائيل تي پابندي لڳائي وئي آهي ته هو لبنان تي بمباري نه ڪري، حزب الله جي مسئلي کي ڌار حل ڪيو ويندو. ايران ٻيهر ڪڏهن به هرمز کي بند نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا ٽرٿ سوشل تي پوسٽ ۾ هن چيو ته آمريڪا هن وقت دنيا جو سڀ کان سرگرم ملڪ آهي. ڪجهه سال اڳ ننڊ ۾ پيل جو بائيڊن جي دور ۾ اهو مري ويو هو، سڄي دنيا کلندي هئي پر هاڻي ائين ناهي ڪو به آمريڪا تي نه ٿو کلي. ٻي پوسٽ ۾ هرمز کولڻ تي ايران جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته ايران اعلان ڪيو آهي ته ايران جي کاڙي مڪمل طور تي کليل آهي ۽ سڀني جي گذرڻ لاءِ تيار آهي. مهرباني! هن وڌيڪ چيو ته هرمز کاڙي مڪمل طور کليل ۽ ڪاروبار لاءِ تيار آهي ۽ مڪمل طور اچ وڃ جي اجازت آهي پر اسان جي ڪيل سامونڊي ناڪابندي تيستائين ايران لاءِ برقرار رهندي جيستائين ايران سان معاملا سئو سيڪڙو حل نٿا ٿي وڃن. هي عمل تمام تيزي سان مڪمل ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ته گهڻا نقطا اڳ ۾ ئي بحث هيٺ اچي چڪا آهن. هن معاملي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ مهرباني. هڪ ٻي پوسٽ ۾ هن چيو ته آمريڪا جي بي 2 بمبار جهازن جي حملي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل سموري ايٽمي دز آمريڪا حاصل ڪندو. ان لاءِ ڪنهن به طريقي، صورت ۾ ڪابه رقم ادا نه ڪئي ويندي. هي ڊيل ڪنهن به طريقي سان لبنان سان واڳيل نه آهي پر آمريڪا لبنان سان ڌار نموني معاملو ڪندو ۽ حزب الله سان درست نموني منهن ڏيندو. اسرائيل لبنان تي وڌيڪ بمباري نه ڪندو آمريڪا انهن تي بمباري ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي گهڻو ٿيو. هن اهو به چيو ته هاڻي جڏهن هرمز کاڙي جو مسئلو ختم ٿي ويو آهي مون کي نيٽو جو فون آيو ته ڇا اسان کي ڪجهه مدد جي ضرورت آهي. مون انهن کي چيو ته توهان پري رهو، جيستائين صرف تيل سان پنهنجا جهازڀرڻ لاءِ نه ٿا اچو. ضرورت پوڻ تي اهي بيڪار ثابت ٿيا اهي ڪاغذي شينهن آهن. آمريڪي صدر سعودي عرب، يو اي اي، ۽ قطر جوبهادري ڏيکارڻ ۽ مدد تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ايران آمريڪا جي مدد سان هرمز مان سموريون بارودي سرنگهون هٽائي رهيو آهي يا هٽائي چڪو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته هي معاهدو لبنان سان واڳيل ناهي ۽ اسان لبنان کي هڪ ڀيرو وري عظيم ملڪ بڻائينداسين. هن پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان، ان جي عظيم وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي مهرباني اهي ٻه بهترين ماڻهو آهين. اڄ دنيا لاءِ عظيم ۽ بهترين ڏينهن آهي ايران ٻيهر هرمز کاڙي کي ڪڏهن به بند نه ڪرڻ تي راضي ٿيو آهي هو ان کي وري دنيا خلاف هٿيار طور استعمال نه ڪيو ويندو.