| لبنان ۾ اسرائيلي حملا، 16 شهري شهيد، ايران هرمز کاڙي بند ڪري ڇڏي، سوئٽزرلينڊ ۾ اڄ امن ڳالهيون، وفدن جي آمد |
تل ابيب/تهران (م ڊ) حزب الله سان نئين جنگبندي باوجود اسرائيل لبنان تي حملا جاري رکندي وڌيڪ 16 شهري شهيد ڪري ڇڏيا، ايران هرمز کاڙي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو معاهدي جي ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگبندي جي باوجود اسرائيل ويڙهه جاري رکندي گهٽ ۾ گهٽ 12 هوائي حملا ڪيا ۽ گوله باري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڏکڻ لبنان ۾ 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا. لبنان جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج جي لبنان تي حملن دوران گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 97 زخمي ٿي پيا. جنهن سان 2 مارچ کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4,057 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 12,121 زخمي ٿيا آهن. 48 ڪلاڪن ۾ شهيدن جو انگ 83 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف اسرائيلي حملن بعد ايران جي خاتم الانبياء هيڊ ڪوارٽر هڪ بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته هرمز کاڙي کي شپنگ لاءِ بند ڪيو ويو آهي آمريڪا جي واعدي جي ڀڃڪڙي ۽ جنگ بندي معاهدي جي پهرين پيراگراف تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري هرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر شپنگ لاءِ بند ڪيو ويو. فيصلو ڏکڻ لبنان ۾ تشدد، علائقي ۾ لکين ماڻهن جي موت ۽ بي گهر ٿيڻ ۽ اسرائيلي فوجن جي ڏکڻ لبنان مان نڪرڻ ۾ ناڪامي جي تناظر ۾ ڪيو ويو آهي. جهاز هرمز ڏانهن نه وڌن.
جنيوا/اسلام آباد/تهران (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران ۾ مفاهمت بعد ڳالهيون اڄ کان شروع ٿي رهيون آهن جنهن لاءِ سوئزرلينڊ جي چونڊ ڪئي وئي آهي. جتي پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف به شريڪ ٿيندو جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران جا ڪجهه نمائندا پهچي چڪا آهن جڏهن ته ٻيا پهچڻا آهن. ان باري ۾ سوئس پرڏيهي وزارت چيو آهي ته مفاهمت جي ياداشت تي عملدرآمد تي ڳالهيون ۽ صلاح مشورا برگن اسٽاڪ ۾ جاري آهن. ڳالهين کي آسان بڻائڻ لاءِ هڪ رازدارانه ۽ قابل اعتماد ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي. مختلف ملڪن جا سفارتڪار ڳالهه ٻولهه کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. رازداري جي ڪري، اهي ڳالهين جي عمل ۾ شرڪت ڪندڙن بابت معلومات فراهم نٿا ڪري سگهن. پاڪستان به تصديق ڪئي آهي ته ڳالهين جو پهريون دور اڄ ٿيڻ وارو آهي. پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اربع تي صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي عمل درآمد لاءِ ٽيڪنيڪل ڳالهيون آچر تي سوئس شهر برگن-شويوز ۾ ٿينديون. پاڪستاني پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا، ايران ۽ هن معاملي ۾ ثالث، پاڪستان ۽ قطر جا نمائندا پڻ ٽيڪنيڪل ڳالهين ۾ حصو وٺندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هن معاملي ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ اسلام آباد مفاهمت جي ياداشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سرگرم رهندو. آمريڪي خاص نمائندو اسٽيو وِٽڪوف سوئٽزرلينڊ لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. جيرڊ ڪشنر اڳ ۾ ئي برگن اسٽاڪ ۾ آهي. اسٽيو وِٽڪوف ايران سان ايٽمي ڳالهين ۾ حصو وٺندو. ڳالهين جي آخري تاريخ ۽ وقت جو تعين نه ڪيو ويو آهي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي به ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ وڃڻ جي اميد آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پڻ اڄ سوئٽزرلينڊ وڃڻ جو ارادو رکي ٿو. هڪ آمريڪي صحافي دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني پرڏيهي وزير ٽئين ملڪن کي آگاهه ڪيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڳالهين کي لبنان ۾ جنگ بندي تي مشروط ڪيو آهي. ايران چاهي ٿو ته اسرائيل-لبنان جنگ بندي سوئٽزرلينڊ ڳالهين کان اڳ لاڳو ٿئي. ايراني وفد عراقچي جي اڳواڻي ۾ روانو ٿي ويو آهي جنهن ۾ باقر قاليباف ۽ ٻيا به شامل آهن. ٻئي طرف گهرو وزير محسن نقوي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي، جتي انهن پاڪستان-ايران لاڳاپن ۽ آمريڪا سان جنگ بندي معاهدي کان پوءِ خطي جي موجوده صورتحال تي بحث ڪيو.