لبنان ۾ اڍائي سئو شهادتن تي سوڳ، 1700 حياتيون کسڻ بعد اسرائيل جون ڳالهيون، يورينيم رچاءُ گهٽ نه ٿيندو: ايران

لبنان ۾ اڍائي سئو شهادتن تي سوڳ، 1700 حياتيون کسڻ بعد اسرائيل جون ڳالهيون، يورينيم رچاءُ گهٽ نه ٿيندو: ايران

بيروت/تل ابيب(م ڊ) جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسرائيل جي لبنان تي حملن ۾ هڪ ڏينهن اندر شھيد ٿيلن جو انگ 254 اڍائي سئو کان وڌي ويو ملڪ ۾ سوڳ ملهايو ويو. 17 سئو شهري شهيد ڪرڻ بعد لبنان ۽ اسرائيل ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون. بيروت تي حملي ۾ حزب الله جي سربراهه جي پرسنل سيڪريٽري کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. مليل اطلاعن موجب لبناني حڪومت اسرائيل جي هڪ ڏينهن جي حملي ۾ 203 ڄڻا شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ 1,165 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا لبنان جي حڪومت قومي ڏينهن ۽ سوڳ جو اعلان ڪيو جنهن تحت ملڪ ۾ سوڳ ملهايو ويو. لبناني وزيراعظم نواف سلام اسرائيلي قتل عام روڪڻ لاءِ لبنان جي سڀني سياسي ۽ سفارتي عملدارن کي ڪم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. لبناني اختيارين موجب اسرائيلي حملن ۾ 1700 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿيا آهن. پاڪستاني وزيراعظم شھباز شريف جي ان بيان تھ جنگبندي ۾ لبنان بھ شامل آھي وائيٽ ھائوس جي ترجمان چيو ھو تھ لبنان ان ۾ شامل نھ آھي جڏھن تھ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس بھ چيو آھي تھ آمريڪا لبنان ۾ جنگ بند ٿيڻ جو واعدو نھ ڪيو ھو. ٻئي طرف اسرائيل جو چوڻ آهي ته آمريڪي انتظاميا سان معاھدو آھي تھ حزب الله تي بمباري جاري رکي ويندي جيستائين تنظيم ھٿيار ڦٽا نھ ٿي ڪري. اسرائيلي فوج تسليم ڪيو آهي ته حزب الله کي مڪمل طور تي غير مسلح ڪرڻ لاءِ سڄي لبنان کي فتح ڪرڻو پوندو ۽ اھو ناممڪن آھي. واحد حل سياسي هوندو جنهن ۾ لبناني حڪومت ۽ فوج حزب اللھ کي غير مسلح ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪن.  اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته بيروت ۾ رات جو هوائي حملي ۾ حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم جي پرسنل سيڪريٽري علي يوسف هارشي کي ماريو ويو. هارشي قاسم جو ويجهو ساٿي ۽ ذاتي صلاحڪار هو. لطاني درياءَ تي ٻن اهم ڪراسنگ ۽ ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي انفراسٽرڪچر تي پڻ حملا ڪيا ويا. اسرائيلي بچاءُ وزير اسرائيل ڪاٽز جو چوڻ آهي ته لبنان تي حملن بعد ايران حملا ڪيا ته ان کي پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو 24 ڪلاڪن ۾ لبنان ۾ 200 کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا ويا مجموعي طور تي 1400 دهشتگرد ماريا آهن. هوڏانهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي ۾ لبنان خلاف دشمني جي خاتمي شامل هئي. خبر ناهي ته لبنان کي شامل ڪرڻ بابت مونجهارو ڇو آهي ڇاڪاڻ ته اهو واضح طور تي بيان جو حصو هو. فرانس بھ لبنان کي جنگبندي ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. فرانسيسي پرڏيهي وزير جين نوئل باروٽ ته فرانس اسرائيل جي لبنان تي تازن وڏن حملي جي مذمت ڪري ٿو، لبنان کي جنگ بندي معاهدي ۾ شامل ڪيو وڃي. اسرائيل جي صحت واري وزارت چيو آهي ته ايران ۽ لبنان کان ميزائل حملن ۾ 7,451 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. لبنان تي حملا بند ڪرڻ لاءِ لبنان جي حڪومت ۽ اسرائيل ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون. لبنان جي صدر جوزف چيو ته اسرائيل سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي ڪابينا کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي لبنان سان سڌي طرح ڳالهيون شروع ڪيون وڃن. ڳالهين جو مرڪز “حزب الله کي غير مسلح ڪرڻ” ۽ اسرائيل سان پرامن لاڳاپا قائم ڪرڻ هوندو. ذريعن موجب آمريڪي صدر ٽرمپ به اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي چيو ته لبنان تي حملا بند ڪيا وڃن ته جيئن ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن.
 

تھران (م ڊ) ايران آمريڪا جي شرط باوجود پنھنجو يورينيم رچاءُ جو پروگرام گھٽائڻ کان انڪار ڪيو آھي ۽ چيو آهي ته جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون جنگبندي جي سمورن واعدن تي عمل سان مشروط آهن. لبنان اسرائيلي حملا روڪڻ لاءِ پاڪستان کان مدد طلب ڪري ورتي.  ايران جي ايٽمي پروگرام جي سربراھھ محمد اسلامي چيو ته ايران پنھنجو يورينيم رچائڻ جي پروگرام کي گهٽ نه ڪندو. هن چيو ته دشمن ايران جي رچاءُ جي پروگرام کي محدود ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون آمريڪا جي سڀني محاذن تي جنگ بندي جي واعدن تي عمل سان مشروط آهي هن لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته لبنان ۾ جنگ جو خاتمو پاڪستان پاران تجويز ڪيل جنگ بندي معاهدي جو هڪ لازمي حصو آهي پاڪستان جي وزيراعظم واضح طور تي چيو ته آمريڪا لبنان سميت سڀني محاذن تي جنگ کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي هن واعدي خلاف ڪو به عمل يا موقف آمريڪا جي پنهنجي واعدي تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو. لبناني وزيراعظم نواف سلام لبنان ۽ ان جي عوام تي حملن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کان سهڪار جي درخواست ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ لبنان جي وزيراعظم وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف لبنان خلاف اسرائيل جي جاري جارحيت جي سخت مذمت ڪئي ۽ لبنان ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان علائقائي امن لاءِ مخلصاڻي ڪوششن ۾ رڌل آهي ۽ ان ئي جذبي تحت ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن ڳالهين جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس موجب، لبناني وزيراعظم، وزيراعظم شهباز شريف جي امن ڪوششن تي ٿورا مڃيا ۽ لبنان ۽ ان جي عوام تي حملن کي فوري ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کان سهڪار جي درخواست ڪئي، ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. لبناني وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نواف سلام ٽيليفونڪ گفتگو ۾ پاڪستان طرفان جنگبندي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وڃي ته جنگبندي ۾ لبنان به شامل آهي ته جيئن گذريل ڏينهن جي اسرائيلي حملن جهڙن وڌيڪ حملن کي روڪي سگهجي.