| لبنان ۾ جيستائين چاهيون فوج رکنداسين: اسرائيلي وزيراعظم |
تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ تيستائين رهندي جيستائين اسان چاهينداسين. ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ڏکڻ لبنان ۾ اسان جي فوجن کي اسان جي يا اترين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پيش ايندڙ ڪنهن به خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جي مڪمل آزادي آهي. هن چيو ته اسرائيلي فوج تي هن حوالي سان ڪا به پابندي ناهي. نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ سيڪيورٽي زون ۾ تيستائين رهندي جيستائين ضرورت هوندي.