لبنان ۾ ماڻهو خوش، اباڻن علائقن ڏانهن واپسي

لبنان ۾ ماڻهو خوش، اباڻن علائقن ڏانهن واپسي

بيروت: ھزارين بي گھر لبناني بيروت جي ڏاکڻن علائقن ۽ ڏکڻ لبنان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنھنجي گهر واپس اچڻ شروع ٿي ويا آهن. الجزيرھ جي رپورٽ موجب سخت ويڙهه کان پوءِ لبنان ۽ اسرائيل ۾ جنگبندي تي عمل شروع ٿي ويو آھي جنھن تي لبنان جا شھري احتياط سان جشن ملهائي رھيا آھن. جمعي جي صبح جو ئي ماڻھن پنھنجي گھرن ڏانھن واپسي شروع ڪري ڇڏي. بيروت جي اتر ۾ روڊن تي رش رھي ڇاڪاڻ ته وڏي تعداد ۾ ماڻهو واپس هليا ويا. بيروت، ماؤنٽ لبنان، صيدون ۽ صور جي هاءِ وي تي واپس ايندڙ خاندانن کي کڻي ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون پڻ ڏٺيون ويون. ڪجهه ماڻهن گهر ڏانهن ويندي فتح جا نشان ڏيکاريا.