| لبنان ۾ ڇڪتاڻ برقرار: حزب الله پاران اسرائيل سان ڳالهين لاءِ 5 شرط |
بيروت(م ڊ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم اسرائيل سان سڌي ڳالهين کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسرائيل سان سڌو رابطو “غلط قدم” آهي، جيڪو لبنان کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري اهڙيون ڳالهيون مڪمل طور تي رد ڪيون وڃن ٿيون. نعيم قاسم موجب مزاحمت جاري رهندي ۽ ان کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي. هن زور ڏنو ته لبنان جي دفاع لاءِ جدوجهد جاري رهندي. هن وڌيڪ چيو ته حزب الله پنهنجا هٿيار نه ڇڏيندي ۽ ڪنهن به دٻاءَ جي باوجود پوئتي نه هٽندي، نه جهڪندي ۽ نه ئي شڪست قبول ڪندي. هن پنج شرط پيش ڪيا، جن ۾ اسرائيلي حملا بند، والاريل علائقن مان نيڪالي، قيدين جي آزادي، بي گهر ماڻهن جي واپسي، متاثر علائقن جي نئين سر تعمير شامل آهي.