لتاڙجي ويل ريڊ لائينز!
مَي 19, 2023
9 مئي تي جيڪا باهه لڳي، تنهن کي وسائڻ جون اڃان تائين ڪوششون ٿي رهيون آهن. سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي رهيا آهن، وائرس کي اينٽي وائرس سان صاف ڪيو پيو وڃي. پر جيڪو ڊينٽ پئجي چڪو آهي، ڇا اهو ٺيڪ ٿي سگهندو؟ پنجاب ۾ ڀڙڪيل انهيءَ باهه جن شين کي ساڙي رک ڪيو، سي ته ٻيهر ٺهي سگهن ٿيون،
ڪور ڪمانڊر هائوس، شهيدن جون يادگارون، پشاور ريڊيو سميت باهه جي زد ۾ آيل ٻين عمارتن جي مرمت ٿي سگهي ٿي پر ان باهه جتي جتي پنهنجو سيڪ ڇڏيو آهي، تنهن مان هلڪو هلڪو دونهون نڪرندو رهندو، ڇاڪاڻ ته اها دونهين اتي دکي آهي، جتي دکڻي نه هئي. هي شايد پهريون ڀيرو آهي جو ان باهه جيڏانهن رخ رکيو، اهو ئي طاقت جو مرڪز رهيو آهي.
ڪهاڻي پراڻي آهي پر ڪردار نوان آهن. هٿ سان هڪ ديو ٺاهي پوءِ ان ديو کي دسڻ جي ڪهاڻي هن ملڪ جي سياسي منظرنامي تي بار بار ورجائي وئي آهي، پر جيڪا ڳالهه نئين آهي، سا اها ته هاڻ هن ملڪ ۾ ڪي به ريڊ لائينز نه رهيون آهن، ڪي مقدس ڳئون سمجهيا ويندڙ ادارا ناهن رهيا. ريڊ لائينز هڪ دفعو ڪراس ٿي وڃن ته پوءِ غير معمولي حالتون معمول بڻجي وينديون آهن.
اسٽيبلشمنيٽ، عدليه ۽ پارليامينٽ هاڻ پنهنجي وقار جي جنگ وڙهي رهيا آهن. ملڪ ٺهڻ کان وٺي اسٽيبلشمينٽ جن ٻن شين تي سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي، تن مان هڪ بطور اداري جي پنهنجي اميج بلڊنگ، اهو باور ڪرائڻ ته فوج ئي هن ملڪ کي متحد ۽ محفوظ رکي ويٺي آهي، نه ته دشمن ڪڏهن جو ملڪ جو نالو نشان مٽائي ڇڏي ها.
ان اميج بلڊنگ ۾ هڪ ماتحت اداري کي ملڪي استحڪام ۽ ترقي جو ضامن قرار ڏنو ويو، خوف کي بنياد بڻائي فوجي طاقت جو اظهار ڪري سوال اٿاريندڙن لاءِ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا ۽ ملڪ کي سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻايو ويو. ڪنهن کي جرئت نه هئي جو فوج خلاف اکر به ڪڇي سگهي، اها ريڊ لائين هئي.
ڪنهن ۾ همت نه هئي جو فوج جي اعليٰ ڪمانڊر جو نالو وٺي ان خلاف زهر اوڳاڇي، اها ريڊ لائين هئي. فوجي تنصيبن آڏو فوٽو ڪڍائڻ ته پري جي ڳالهه، اتان گذرڻ به محال هو، مظاهرو يا احتجاج ڪرڻ ته پري جي ڳالهه هئي. اها ريڊ لائين هئي. پر 9 مئي تي اهي سموريون ڳاڙهيون لڪيرون لتاڙيون ويون.
اسٽيبلشمينٽ جي ٻي سيڙپڪاري سياستدانن ۽ جمهوري آئيني ادارن کي ڊس ڪريڊٽ ڪرڻ هئي. هٿ سان سياستدان ٺاهي، اليڪشني عمل مان پنهنجي پسند جا نتيجا وٺڻ، کين اقتدار ڏيئي ڪرپشن پويان لڳائڻ، سندن رنگين ۽ سنگين مزاجي جي آڊيو وڊيوز رڪارڊنگز ڪري کين بليڪ ميل ڪرڻ، عوام ۾ سندن ڪرپٽ ۽ نااهليءَ جو تاثر اڀارڻ لاءِ ڏيهه پرڏيهه ۾ تحقيق ڪري فائيل ٺاهڻ، کين ذليل رسوا ڪري اقتدار مان ڪڍڻ، ججن کي دٻاءُ ۾ آڻي عدالتن مان سزائون ڏياري ڦاهي چاڙهڻ يا نااهل ڪرائڻ تائين هڪ ڊگهي ۽ طويل سيڙپڪاري رهي آهي.
پنهنجي ئي آندل ماڻهن کي وقت اچڻ تي نااهل، نالائق ۽ ڪرپٽ هجڻ جو ليبل لڳائي اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهڻ کي ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڄاڻايو ويندو رهيو. ملڪي تاريخ مان اهي صفحا ئي غائب ڪيا ويا، جن ۾ جنگيون هارائڻ جا سبب هئا، جن ۾ ملڪ کي ٻه اڌ ڪرڻ جا رت هاڻا داستان لکيل هئا، جن ۾ محلاتي سازشن جي ڪردارن جون ڪهاڻيون هيون. نصابي ڪتابن ۾ هٿ ٺوڪي تاريخ پڙهائي معصوم ٻارن کي گمراهه ڪيو ويو. هڪ اهڙو نسل پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو ڪوڙ کي سچ سمجهي، وٽس حقيقت جو ادراڪ نه هجي.
عدليه جي تاريخ به هن ملڪ ۾ داغدار رهي آهي. نظريهء ضرورت تحت آمرن جي خواهشن جي پورائي کان ويندي هڪ چونڊيل وزير اعظم کي ڦاهي جي سزا، ٻين جي برطرفي کان ويندي آئين جي معطليءَ کي درست تسليم ڪرڻ، مارشلائن کي تحفظ ڏيڻ تائين انيڪ اهڙا معاملا رهيا آهن، جن عدليه جي وقار ۽ تقدس کي پائمال ڪري ڇڏيو. ججن جون آڊيوز ۽ وڊيوز ان ڳالهه جون شاهد آهن ته ڪيئن هنن قانون ۽ آئين کان بالاتر ٿي مخصوص مفادن تحت فيصلا ڏنا. ڪيئن عدليه ۾ ڪرپشن جي بازار گرم رهي. ڪيئن ڌر بڻجي مخصوص ڌرين کي نوازيو ويو.
عدالت جو فيصلو حتمي هوندو آهي، نظرثاني درخواست کانپوءِ به ساڳيو فيصلو اچي ته ان کي لاڳو ڪرڻ لازمي هوندو آهي، اها ريڊ لائين آهي، پر عدالتي فيصلي کي گوڏي هيٺان رکي اها ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي. ججن خلاف عام طور تي ڳالهائڻ توهين عدالت جي ذمري ۾ ايندو آهي، اها ريڊ لائين آهي، پر اڄ جڏهن سر عام ججن جا نالا وٺي کين رسوا ڪيو پيو وڃي ته اها ريڊلائين به نه رهي آهي. اعليٰ عدليه ريڊ زون ۾ واقع آهي، اتي ڪو عوامي ميڙ نٿو ڪري سگهجي، اها ريڊ لائين آهي. پر 9 مئي جي واقعن کانپوءِ ٿوريون گهڻيون رهيل ريڊ لائينز به لتاڙجي ويون.
پارليامينٽ جو ڪم قانونسازي ڪرڻ آهي، اها سڀني کي خبر آهي، پر اها ساڳي پارليامينٽ جڏهن فوجي جرنيلن جي مدي ۾ توسيعن جي منظوري ڏيندي وتي، جڏهن فوجي عدالتن جي قيام جا بل پاس ڪيا وڃن، جڏهن ذاتي مفادن تحت قانونن ۾ ترميمون ڪيون وڃن، جڏهن پارليامينٽ جهڙي فورم کي قوم ۽ ملڪ جي ڀلي لاءِ استعمال ڪرڻ بدران ذاتي عناد جي بنيادن تي نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ وارو پليٽ فارم بڻائي وڃي ته پوءِ ان جي عزت جي توقع ڪنهن کان ڪري سگهجي ٿي؟ ماڻهو سادا هوندا پر ايترا جاهل ۽ بيوقوف ناهن جو اهو سمجهي نه سگهن ته پارليامينٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي،
سو عوامي مفادن وٽان آهي يا گروهي مفادن وٽان؟ پارليامينٽ پنهنجي اختيارن کي پاڻ هٿ سان بلڊوز ڪري ٻين ڌرين لاءِ اهو موقعو فراهم ڪندي رهي ته اهي پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ سمجهن. پارليامينٽ جي حدن ۾ گهڙڻ ريڊ لائين هئي، اها ريڊ لائين به ڪراس ٿي وئي آهي.
هي ملڪ هاڻ ان نقطي تي پهچي ڪو آهي، جتي نظام جي تبديلي اڻٽر ٿي چڪي آهي. هي رياست جي بقا جو سوال آهي، اها رياست جيڪا چند سويلين ۽ غير سويلين اشرافيه جي هٿان يرغمال بڻيل آهي. ڇا رياست وٽ اهو ادراڪ آهي ته اها ‘ڪٿارسس’ ڪري؟ ڇا اهي رياستي ادارا جيڪي ڏهاڪن تائين پنهنجي ئي ملڪ لاءِ liability رهيا آهن، اهي اعتراف ڪندا ته هنن کان ماضيءَ ۾ جيڪي به ڏوهه گناهه سرزد ٿيا اهن،
تن تي هو پشيمان آهن ۽ آئنده هو اهڙن عملن کان توبهه تائب ٿيندا؟ ڇا هن ملڪ کي پردي اڳيان ۽ پويان ويهي هلائيندڙن وٽ اهو احساس آهي ته هي ملڪ 71ع کانپوءِ هڪ ڀيرو انهيءَ واٽ تي هلي نڪتو آهي، جيڪا ان کان به وڌيڪ خوفناڪ نتيجا ڏئي سگهي ٿي؟
يقين ڪريو هي ملڪ ان حالت تي نه پهچي ها، جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ عوام کي طاقت جو سرچشمو تسليم ڪيو وڃي ها، عوامي فهم کي لانگ بوٽن هيٺان لتاڙي دهشت ۽ ظلم جا داستان نه لکيا وڃن ها، ڏهاڪن تائين اصل تاريخ کي چٿي پنهنجي هٿ ٺوڪين ڪارنامن جا بگل نه وڄايا وڃن ها، فيڊريشن جو بنياد وجهندڙ صوبن کي سندن حق ڏئي برابري جو سلوڪ ڪيو وڃي ها، غدارين ۽ حب الوطني جا سرٽيفڪيٽ نه ورهايا وڃن ها، عدل ۽ انصاف کي وڪرو نه ڪيو وڃي ها، پنهنجن ڪاروبارن کي تحفظ ڏيڻ بدران عوام جي اهنجن جو ازالو ڪيو وڃي ها. اهو سڀ ڪرڻ لاءِ اڃان ٻي ڪهڙي آفت جو انتظار ڪرڻو آهي؟