لطيف آباد ۾ ڦٽاڪن جي فيڪٽريءَ ۾ ڌماڪو

حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۾ ٿيل ڌماڪي سبب 5 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏھن ته زخمين جو تعداد 15 رپورٽ ٿي رھيو آھي، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. خبرن موجب، غير قانوني طور هڪ گهر ۾ ڦٽاڪا ٺاهڻ جي فيڪٽري قائم ڪئي وئي هئي. ھي سٽون لکجڻ تائين ڌماڪي کان پوءِ عمارت ۾ لڳل باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري ھيون۔ ڌماڪي ۽ باهه سبب فيڪٽري جو ڪجهه حصو ڪري پيو آهي۔ فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو اھو پيو ڏيکاريو وڃي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڦٽاڪن ٺاهڻ جون فيڪٽريون ۽ انهن جا گودام رھائشي آباديءَ اندر قائم ڪرڻ هڪ سنجيده مسئلو بڻيل آهي. اهي فيڪٽريون نه رڳو غيرقانوني نموني هلن ٿيون، پر انهن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي زندگي به هر وقت خطري ۾ هوندي آهي. سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا اهڙين سرگرميءَ کان يا ته مڪمل اڻڄاڻ آهي، يا ايتري بي پرواهه جو هر حادثي کانپوءِ ئي جاڳي ٿي ـ پوءِ ڪجهه ڏينهن جي “ڪارروائي” کانپوءِ وري معاملا ساڳين پيچرن تي ھلڻ لڳن ٿا. آبادي وارن علائقن جي وچ ۾ اهڙن گودامن ۽ فيڪٽرين جو وجود ڪنهن به وقت وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڦٽاڪا، ڪيميائي مواد ۽ ڌماڪيدار سامان، انتهائي حساس ۽ باهه پڪڙڻ وارا جزا رکندا آهن، جيڪي گرمي، گاٺ، يا هلڪي بي ڌياني سان به ڌماڪي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. رهائشي علائقا، جيڪي اڳ ئي ڳتيل آبادي، تنگ گهٽين ۽ گهٽ سهولتن جي ڪري حساس آهن، اتي اهڙي خطري جو موجود هئڻ هڪ وڏي انتظامي نااهلي کان گهٽ ناهي. سوال اهو اُڀري ٿو ته آخر اهڙيون فيڪٽريون ڪيئن هلن ٿيون؟ ڇا پوليس کي خبر نه هوندي؟ ڇا ضلعي اختيارين کي انهن گودامن بابت ڄاڻ نه هوندي؟ لطيف آباد واري ڪالھوڪي ڌماڪي بابت اھو چيو پيو وڃي ته اھا فيڪٽري آباديءَ کان ٻاھر ھئي پر سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته اھا فيڪٽري غير قانوني طور ڪيئن پئي ھلائي وئي؟ جڏهن ته ڪنھن بہ ڌماڪيدار سامان ۽ مواد رکڻ لاءِ خاص اجازت، جڳهه ۽ سيڪيورٽي معيار لازمي آهن، پر انهن تي ڪو به عمل نٿو ٿئي. اختيارين جي اها غفلت نه رڳو قانون جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي، پر انساني زندگين جي اهميت بابت سندن لاپرواهيءَ کي به بي نقاب ڪري ٿي. هر حادثي کانپوءِ اعلان ٿين ٿا، “جاچ ڪميٽيون” ٺهن ٿيون، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واقعا وسري وڃن ٿا، ۽ فيڪٽريون ٻيهر ساڳئي نموني جاري رهن ٿيون. اڍائي ٽي مھينا اڳ ڪراچي جي مرڪزي شاهراهه ايم اي جناح روڊ تي تاج ڪمپليڪس ويجهو ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ آتشبازي جي سامان جي گودام ۾ ڌماڪو ٿيو. جنھن ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو مري ويا ھئا. پوءِ ڇا ٿيو؟ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ صرف ڦٽاڪن جون فيڪٽريون ئي نه، ڳتيل آباديءَ ۾ يا وري مصروف بازارن ۾ گئس سلينڊرن جا دڪان به خطرو آهن، جتي پڻ سلينڊر ڦاٽڻ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا. حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ ڪجهه عرصو اڳ گيس سلينڊر جي دڪان ۾ زور دار ڌماڪي کان پوءِ سلينڊرن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن باهه گهرن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. جنهن ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. انهن سڀني واقعن مان هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته مسئلو مقامي سطح جو نه، پر سڄي سنڌ ۾ پکڙيل هڪ وڏي انتظامي نااهلي جو نتيجو آهي.

هينئر وقت اچي ويو آهي ته سرڪار هن مسئلي کي سنجيدگيءَ سان وٺي. رهائشي علائقن ۾ ڦٽاڪن جي فيڪٽرين ۽ گودامن جي مڪمل بندش ۽ انهن جي ٻاهرين، محفوظ، صنعتي علائقن ڏانهن منتقلي ڪئي وڃي. اهڙن ڪاروبارن لاءِ سخت قانون، لائسنسنگ ۽ باقاعده چڪاس ۽ نگراني سسٽم ھجڻ گھرجي. پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي ذميوارين جو واضع تعين ۽ غيرقانوني ڪمن تي فوري ڪارروائي ٿيڻ کپي. هر نئون حادثو اسان جي بي حسي جو نتيجو آهي. لطيف آباد واري ڌماڪي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.