لطيف آڪاش منھنجو پٽ آھي، ھن قتل ناھي ڪيو: حليمان انصاري

  لطيف آڪاش منھنجو پٽ آھي، ھن قتل ناھي ڪيو: حليمان انصاري

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت ۾ نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار شاھ لطيف جي امڙ حليمان کان آڏي پڇا ڪئي وئي فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصور علي راجپوت جي عدالت ۾ ڪيس ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي فريادي جان محمد انصاري پنھنجي وڪيل سيد طارق شاھ سميت عدالت ۾ پيش ٿيو. جوابدار شاھ لطيف کي به جيل مان عدالت ۾ آندو ويو. جوابدار جي امڙ حليمان به وڪيل ڀڳوانداس سميت عدالت ۾ پيش ٿي. عدالت ۾ ڊفينس وٽنيس جوابدار جي ويڳي ماءُ حليمان کان آڏي پڇا ڪئي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وني ۽ جوابدار جي امڙ حليمان انصاري چيو ته لطيف آڪاش منھنجو پٽ آھي، ھن قتل ناھي ڪيو کيس ڦاسايو ويو آهي، قتل وقت مان موجود نه ھيس فريادي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ ڊفينس وٽنيس ٿي ويا آھن ھاڻي فائنل دليل ٿيندا جوابدار جي ماءُ چوي ٿي ته واقعي واري هنڌ موجود نه ھئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.