لطيف جي درگاهه تي رجب مهيني جو سهائو سومار ملهايو ويو
جنوري 7, 2025
مٽياري/ڀٽ شاھ (نمائندن وٽان) درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڀٽ شاھ سيد خاور حسين شاھ لطيفي درگاھ جي صحن تي ماھ رجب سھائو سومار جي رسم ادا ڪئي ان موقعي تي زائرين عقيدتمندن شاھ لطيف فائونڊيشن ۽ لطيفي جماعت جي اڳواڻن ۽ رضاڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته درگاھ شريف جي صحن تي سندس اڳواڻي ۾ قديمي رسم فقيرن پاران مچ ٻاري عالم انسانيت جي خير برڪت لاءِ خاص دعا گهري ويئي ۽ زائرينن جي موجودگي ۾ درگاھ شريف تي حاضري ڀري دعا گھري ۽ زائرين ۾ ورڇ جي رسم ادا ڪئي.ان موقعي تي سيد خاور حسين شاھ لطيفي چيو ته لطيف سرڪار جي شاعري انسانيت جي لاءِ ھدايت رھبري لاءِ ھڪ روشني جي واٽ آهي.ھن چيو ته درگاھن تان روحاني فيض ملڻ سان گڏ امن اتحاد، سھپ، رواداري ۽ روشني جي واٽ ملي ٿي.ھن چيو ته شاھ لطيف فائونڊيشن پاران درگاھ جي صحن تي زائرين جي خدمت واسطي شاھ لطيف فائونڊيشن پاران دسترخوان حضرت امام حسن عليه السلام ۽ طبي امداد لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ به قائم ڪئي وئي آهي.ان موقعي تي فقير قادر بخش خاصخيلي، پيرل فقير ، زوار دادلو فقير لسڪاڻي، ڊاڪٽر قربان علي لسڪاڻي، ڌمالي فقير، نظير فقير لسڪاڻي، جان محمد فقير، عبدالعزيز ناپر، سليم مغل ۽ ٻيا به موجود ھئا.