| لطيف جي درگاهه واعدي موجب نه پئي هلائي وڃي: وقتي سجاده نشين |
ڀٽ شاھه(ن پ ا) قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفا حسين شاهه لطيفي چيو آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه لاوارث نه آهي درگاهه جا وارث ويٺا آهن هڪ دفعو ٻيهر درگاهه جي حوالي سان پنهنجا خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن اسان سنڌ حڪومت ۽ اوقاف کاتي تي يقين ڪيو هو ته اهي پنهنجي فيصلي تي قائم رهندا ۽ اسان کي مايوس نه ڪندا پر هن وقت اسان کي مايوسي ٿي رهي آهي اوقاف کاتي کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي وڏي ڏاڏي شاھ ڏنو شاه درگاهه حڪومت جي حوالي ڪئي هئي جنهن ۾ اهو واعدو ۽ دستخط موجود آهن ته اهي درگاه کي انهي سسٽم سان هلائيندا جيئن ان وقت هلايو پئي ويو اهي واعدا اڄ تائين پورا نه ٿيا آهن انتظاميه ناڪام ٿي چڪي آهي درگاهه جا وارث ويٺا آهن درگاهه لاوارث نه آهي، جشن ولادت يا عرس مبارڪ جي ٽائيم تي جيئن پروگرام ٿيڻ گهرجن اهي نه ٿي رهيا آهن درگاهه تي زائرين لاءِ بهتر انتظام نه هجڻ ۽ سيڪيورٽي ناڪاره ٿي وئي آهي، اسين چاهيون ٿا ته درگاهه جي انتظامن کي سنڌ حڪومت پنهنجي توجه ۾ آڻي ۽ ان حساب سان ڪم ڪيو وڃي جنهن حساب سان ڪم ڪرڻ جو حق ٿئي ٿو. ان موقعي تي دادلو فقير لسڪاڻي، فقير بخت حسين بوداڻي، قربان لسڪاڻي، عزيز ناپر، غلام حسين عمراڻي ۽ ٻيا به موجود هئا.