لطيف جي ڌرتي کي بنجر بڻايو پيو وڃي، درياءَ ۽ وسيلن تي قبضي خلاف مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف

ڊسمبر 8, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ شاھه لطيف ۽ رواداري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته شاھه لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. شاھه لطيف جي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي، سنڌ اسيمبلي، ايم پي اي، ايم اين اي ڪٿي آهن؟ شاھه لطيف ۽ سچل جي سنڌو درياءَه، ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضي خلاف مزاحمت ڪنداسين. ھن چيو ته شاھه لطيف جي شاعري انسان دوستي، محبت ۽ رواداري جو پيغام آهي. شاھه لطيف سهڻي ذريعي محبت، سسئيءَ جي ذريعي جدوجهد جو درس ڏنو، ماروي جي وطن کان دوري کي اذيت ۽ بي مثال وطن پرستي کي شاھه لطيف زبان ڏني. امن، پيار، انسانيت، اصلاح ۽ اخلاق مشرقي شاعري جو محور آهن.  ڪو به معاشرو برداشت ۽ رواداري کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. انتهاپسندي، جهالت ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽڻ گهرجي. ماورائي عدالت تشدد ۽ قتل سنڌ جي امن لاءِ خطرو آهي. اڄوڪي سنڌ ۽ ملڪ ۾ عورتون ۽ ٻار غير محفوظ آهن، سنڌ جو عوام ڏوهن ۽ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو. سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي.  سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين چولستان مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ جي منصوبي کي رد ڪريون ٿا. سنڌ خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي لکين عوام سان گڏ پرامن جدوجھد ذريعي مزاحمت ڪنداسين. ھن چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌو درياءَ، ڪارونجهر، ٻيٽ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن.  ھن چيو ته سائنس، تحقيق، ادب ۽ ثقافت کان سواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آهن. سنڌ تهذيبن جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي. ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، هنگامي قدم کنيا وڃن. نامور دانشور، اديب جامي چانڊيو چيو ته مذهبي انتهاپسندي بنيادي طور هڪ سياسي مسئلو آهي جيڪو عالمي سامراجي قوتن ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو پيدا ڪيل آهي. هن چيو پنجاب جي ڪنهن به شهر، تعليمي اداري ۽ چوراهي تي شاھه لطيف جي رواداري جهڙيون ڳالهيون نه ٿا ڪري سگهون، قومي اسيمبلي هجي يا سينيٽ جو ايوان هجي يا سنڌ اسيمبليءَ هجي اتي مذهبي انتها پسنديءَ خلاف ۽ امن رواداريءَ تي ڳالهه ڪرڻ تي اڻ اعلانيل پابندي آهي، رڳو سنڌ جي روڊن رستن، پريس ڪلبن ۽ گهٽين ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف ۽ رواداريءَ کي لاڳو ڪرڻ جي مطالبي تي احتجاج ٿي رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ اسان کي شاھ لطيف جي رواداريءَ جي شاعري ۽ فڪر جي ضرورت آهي ۽ اسان کي انتھا پسنديءَ جي محرڪن نتيجن ۽ امڪاني حل تي پڻ غور ڪرڻو پوندو ۽ ان ۾گلوبل تدبيرون جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ به مذهبي انتهاپسندي وڌي چڪي آهي ۽ گانڌي پنهنجي پڇاڙي ۾ مذهبي انتهاپسندي جو شڪار ٿي ويو، بنگلاديش جي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ قربانين بعد مذهبي انتهاپسندي پنهنجو شڪار بڻايو آهي هن چيو ته شاهه لطيف رواداري جي روايت جو ڪلاسيڪل دور جو وڏو علمبردار هو سنڌ جي جديد ترقي پسند تحريڪ کي شاھ لطيف جي ان عظيم فڪر کي بڻياد بڻائڻو پوندو، ھن چيو ته سنڌ ۾ اسان کي مذهبي ۽ فرقيوارانه انتهاپسندي جي توڙ خلاف شاھ لطيف جي رواداريءَ کي عام ڪرڻو پوندو.نامياري ادڪار مصطفي قريشي چيو ته شاھه لطيف، اياز ۽ پليجو ٽئي سنڌ جا نه عالم جون شخصيتون آهن ريديو پاڪستان تي هوندي پليجو صاحب سان تعلق رهيو ڀٽائي امن جو پيغام هو، ڀٽائي جي شاعري سنڌي ۾ قرآن برابر آهي ـ ڪانفرنس کي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ـ انعام شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Leave A Comment