لطيف ورسٽي جي وي سي پاران سوسائٽي جي پلاٽن تي قبضن جو انڪشاف

ڊسمبر 16, 2023

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) وائيس چانسلر کي هائوسنگ سوسائٽي ۾ قائدن جي ابتڙ پلاٽ ڏيڻ وارو معامرو، هائوسنگ سوسائٽي جي پلاٽن تي قبضن، سرڪاري پلاٽ وٺي وڪرو ڪرڻ ۽ يونيورسٽي جي بنگلن تي به قبضن جو انڪشاف ٿيو آهي

 وي سي ج چوڻ آهي ته هائوسنگ سوسائٽي جي ذميوارن پاڻ پلاٽ جي آڇ ڪئي، چالان ڀرڻ سميت سموريون گهرجون مڪمل ڪيون، اڳوڻي وائيس چانسلر کي 2 پلاٽ ڏنا ويا اُن وقت هي ماڻهو ڇو خاموش هئا

 رپورٽ موجب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي هائوسنگ سوسائٽي ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو کي قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ پلاٽ ڏيڻ واري معامري بعد سوسائٽي جي پلاٽن تي قبضن توڙي سرڪاري پلاٽ وٺي وڪرو ڪرڻ ۽ يونيورسٽي جي بنگلن تي به قبضا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

اهڙو انڪشاف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو پاران ڪيو ويو

 رابطو ڪرڻ تي وي سي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اهو ڪو اشو ئي ناهي، مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، اها ڪنهن فرد نه فردن جو گڏيل فيصلو آهي، مون کي پلاٽ جي ضرورت ناهي، انهن پاڻ آڇ ڪندي چيو ته اسان ٻين وي سيز ۽ پي ڊيز کي پلاٽ ڏنا آهن، توهان به ميمبر ٿيو، جنهن کانپوءِ مون گهربل رقم جو چالان توڙي سموريون گهرجون پوريون ڪيون

سندس چوڻ هو ته سوسائٽي ۾ پاڻي، بجلي سميت ٻين ضرورتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪريان پيون، ان کان اڳ اڳوڻي وائيس چانسلر کي ٻه پلاٽ ڏنا ويا هئا، جنهن جو تعلق خيرپور سان ئي نه هيو، پوءِ به هي ماڻهو خاموش هئا، پر هاڻي خبر ناهي انهن کي اعتراض ڪهڙي ڳالهه جو آهي، هِتي پلاٽن تي قبضا به ٿي ويا آهن

 وائيس چانسلر چيو ته مخالفت اهي ٿا ڪن جن جو سوسائٽي ۾ پلاٽ ئي ناهي ۽ نه ئي انهن جي ڏک سک ۾ ڪم آيا آهن، ماڻهو پلاٽ وٺي وڪرو ڪري ويا آهن، اُن تي ڇو خاموش آهن، قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ ڇو اختيارين کي نٿا لکن، يونيورسٽيءَ جي بنگلن تي قبضا خالي ڪرائڻ جي لاءِ انهن ماڻهن ڇو تحرڪ ناهي ورتو

هن چيو ته ڪنهن جو غيرقانوني ڪم نٿو ڪريان، شايد ان ڪري کين پريشانيون آهن، رڪارڊ تي آهي جيترو يونيورسٽي لاءِ مون ڪم ڪيو آهي، اوترو تاريخ ۾ ناهي ٿيو

واضع رهي ته جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن پاران وائيس چانسلر کي سوسائٽي ۾ پلاٽ ڏيڻ متعلق هائوسنگ سوسائٽي جي چيئرمين کي خط لکي تفصيل طلب ڪيا ويا هئا

Leave A Comment