لطيف ورسٽي ۾ پابندي باوجود داخلائون: پي ايچ ڊي ڪندڙ اهم انتظامي عهدن تي ويٺل: هيڪ ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا

جُولاءِ 20, 2023

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) لطيف ورسٽي ۾ پابندي باوجود داخلائون: پي ايچ ڊي ڪندڙ اهم انتظامي عهدن تي ويٺل، هيڪ ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ھائر ايجوڪيشن ڪميشن جي جاچ ٽيم ڪوالٽي انشورنس ايجنسي طرفان ايم ايس ۽ ايم فل جي تعليمي معيار جاچڻ واري ڪاميٽي 18 کان 20 جنوري 2023 تائين شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو دورو ڪيو، جنھن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آھي

 جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آھن ته سال 2017 ۾ تعليمي معيار ۽ گھربل فيڪلٽي نه ھجڻ سبب ڪجھه ڊگريون پروگرام ۾ وڌيڪ داخلا ڪرڻ کان منع ڪيو ويو ھو، پر اِن باوجود ھن ڀيري به ھيڪ جي ھدايتن جي خلاف ورزي ڪندي جاگرافي سميت ٻين شعبن ۾ PhD  ھيڪ جي اين او سي نه ھجڻ باوجود پروگرام ھلايا ويا، ڊگريون ڏنيون ويون، ڪافي شعبن ۾ ھيڪ جي معيار مطابق پي ايچ ڊي، قابل استاد ئي موجود ناھن، شاگردن کي بنيادي سھولتن جي کوٽ آھي

 ھيڪ طرفان جيڪو معيار، سھولتون شاگردن لاءِ ڄاڻايون ويون آھن اُن تي يونيورسٽي انتظاميا عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام آھي، جيڪڏھن سمورا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته يونيورسٽي کي شاگردن کان ورتل فيس ٽي ڀيرا وڌيڪ واپس ڪرڻي پوندي، ان کانسواءِHEC  لاڳاپيل ذميوار اختيارن خلاف قائدن ۽ ضابطن تحت ڪارروائي پڻ ڪندي

 جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته مختلف پروگرامن ۾ نشاندھي ڪيل ڪوتاھين جو جائزو وٺي انھن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ۽ روڪيل پروگرامن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آھي ته يونيورسٽي گھربل معيار تي پورو لھندڙ اھل فيڪلٽي ميمبرن يونيورسٽي جي قائدن ۽ ضابطن تحت ايندڙ سيمسٽر کان اڳ ئي اھا مقرري ڪئي وڃي

رويو ڪاميٽي طرفان نشاندھي ڪيل مسئلن ۽ سفارشن تي 6 مھينن اندر عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ بند ڪيل پروگرامن ۾ داخلائون وٺندڙ اميدوارن جي داخلا رد ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽي کي شاگردن کان ادا ڪيل فيس ٽيڻ تي واپس ڪرڻي پوندي، پروگرامن ۾ داخلا کان اڳ يونيوسٽي اختياريون ھيڪ کان اين او سي وٺڻ جون پابند ھونديون

ڪاميٽي طرفان يونيورسٽي اختيارين کي سفارش ڪئي وئي آھي ته روڪيل ڊپارٽمينٽس ۾ داخلا نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي داخلا لاءِ اشتھار جاري ڪيا وڃن

 ھيڪ جي پاليسي، ھدايتن تي عمل کي يقيني بڻائي فيڪلٽيءَ جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، لاڳاپيل ڊپارٽمينٽس ۾ گھربل قابليت، تحقيقي مھارت سان گڏ ضروري تحقيقي انفراسٽريڪچر مھيا ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن

ورسٽي ۾ پي ايچ ڊي ڪندڙ اهم انتظامي عهدن تي ويٺل

شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي تدريسي شعبن ۾ پي ايچ ڊي عملي جي کوٽ باوجود پي ايچ ڊي ڪندڙ اھم انتظامي عھدن تي ويٺل آھن، ھيڪ جي رويو ٽيم جي ميمبرن طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته يونيورسٽيءَ ۾ پي ايچ ڊي ھولڊر فيڪلٽي ميمبرن جي کوٽ آھي، پر اِن باوجود انھن کي اضافي ايڊمنسٽريشن جي پوسٽن جي چارج ڏني وئي آھي جن کي مختلف ڊپارٽمينٽ جا ڊائريڪٽر توڙي ٻين عھدن تي مقرر ڪيو ويو آھي، جيتوڻيڪ پي ايچ ڊي فيڪلٽي ميمبرز صرف تدريس ۽ تحقيق وارو ڪم لاءِ مقرر ڪري سگھجي ٿو

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ھيڪ جي منظوريءَ کان بنا يونيورسٽي جاگرافي ۾ ھڪ پي ايچ ڊي ڊگري ڏني وئي آھي، ڄاڻايل پروگرام جي ھيڪ طرفان اين او سي به جاري ناھي ڪئي وئي، قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ پي ايچ ڊي جي ھڪ ڊگري ڏني وئي آھي

 سال 2017ع ۾ به ٽيم دورو ڪيو ھو، مختلف پروگرامن ۾ ايف فل ۽ پي ايچ ڊي لاءِ يونيورسٽيءَ جي ذميوارن کي اين او سي وٺڻ جو پابند بڻايو ويو ھو ۽ گھرجون پوريون ٿيڻ تائين پروگرامن ۾ داخلا کان منع ڪيو ھو پر پابندي باوجود اسڪالرز کي ڊگريون ڏنيون ويون

 ھيڪ اختيارين يونيورسٽيءَ جي ذميوارن کي سختيءَ سان ھدايت ڪئي وئي آھي ته ھيڪ جي اين او سي کان بنا ڪنھن به ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلا نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي اشتھار شايع ڪرايو وڃي

ھيڪ جيڪي اعتراض واريا آھن انھن تي عمل ڪري رپورٽ اماڻي ويندي: ورسٽي ترجمان

شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جي ترجمان پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته ھيڪ رپورٽ ۾ جيڪي به اعتراض واريا آھن انھن تي عمل ڪري ھڪ مھيني اندر ھيڪ کي رپورٽ اماڻي ويندي

يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو طرفان اِن حوالي سان ھڪ ڪاميٽيءَ به تشڪيل ڏني وئي آھي، جيڪا ھائر ايجوڪيشن ڪميشن جي ھر ھڪ اعتراض متعلق رپورٽ جمع ڪرائيندي، يونيورسٽيءَ جي ترجمان مطابق حقيقت ۾ ڪجھه ڳالھيون غلط فھميءَ جي ور چڙھي ويون آھن جن کي به گڏجي ويھي ڪري حل ڪيو ويندو

شاگردن طرفان ورسٽيءَ ۾ سھولتن جي اڻاٺ متعلق شڪايتون

ھائر ايجوڪيشن ڪميشن جي ٽيم آڏو شاگردن طرفان يونيورسٽيءَ ۾ سھولتن جي اڻاٺ متعلق شڪايتون، ھيڪ طرفان جوڙيل ڪاميٽيءَ جي ميمبرن طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته شاگردن ملاقات دوران ٽيم کي ٻڌايو ته انٽرنيٽ جي سھولت ريسرچ توڙي تحقيق ڪرڻ جي معيار مطابق ناھي، ڊجيٽل لائبريري جي سھولت به محدود آھي، ڪمپيوٽنگ مشين موجود ناھي، تجربن جي لاءِ شاگرد ڪميڪل توڙي شيشي وارو سامان پاڻ خريد ڪرڻ تي مجبور آھن

 شاگردن ھيڪ جي ٽيم کي اِھو به ٻڌايو ته ھاسٽلز ۾ گھربل سھولتن جي کوٽ آھي، ڊگري جي مدت ۾ يونيورسٽيءَ طرفان اضافي جي صورت ۾ به شاگردن کي ادائگي ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آھي

Leave A Comment