لطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي با اثر جو پٽ حراسان ڪرڻ لڳو، تيزاب هارڻ جي به ڪوشش

جُولاءِ 12, 2023

سکر (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي با اثر شخص جي پٽ هٿان مبينا حراسمينٽ جو شڪار، تحفظ جو مطالبو

ڪامرس ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي ڪنول بتول مبينا دوستي لاءِ تنگ ڪندڙ شخص خلاف احتجاج ڪيو

ڪنول بتول سماجي اڳواڻ شهناز شيخ جي گهر پهچي ايس ايس پي خيرپور کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو

ڪنول بتول الزام هنيو ته بوزدار وڏا ۾ سندس ئي علائقي جي رهواسي بااثر شخص جو پٽ محمد عاصم نويد دوستي رکڻ لاءِ حراسان ڪري رهيو آهي

شاگردياڻي چيو ته عاصم نويد دوستي نه رکڻ جي صورت ۾ مون مٿان تيزاب هارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، عاصم نويد هڪ ڀيري مون مٿان تيزاب هارڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي

شاگردياڻي چيو ته پوليس وٽ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا دانهيو آهي پر پوليس ڪو تدارڪ ناهي ڪيو،  ڇا جڏهن تيزاب هاري يا جاني نقصان پهچايو ويندو تڏهن پوليس سجاڳ ٿيندي

شاگردياڻي ڪنول بتول چيو ته حراسان ڪندڙ ۽ دوستي نه رکڻ تان تنگ ڪندڙ محمد عاصم کي گرفتار ڪري مون تحفظ فراهم ڪيو وڃي

سماجي اڳواڻ شهناز شيخ چيو آهي ته پوليس نياڻين جي ڪيسن ۾ ڪوتاهي ڪندي آهي، نقصان کانپوءِ پوليس حرڪت ۾ ايندي آهي،  ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو نوٽيس وٺي، جوابدار کي گرفتار ڪري شاگردياڻي کي تحفظ ڏنو وڃي

Leave A Comment