ٽنڊوڄام(رپورٽ: مبين مگسي)هائير ايجوڪيشن ڪميشن شاھ لطيف يونيورسٽي کي 20 کان وڌيڪ شعبن ۾ ٿيندڙ ۾ ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
ذريعن موجب شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ استادن جي کوٽ ، انفرااسٽرڪچر ۽ ليبس جي کوٽ سبب داخلائون روڪيون ويون آهن
يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميه هائير ايجوڪيشن پاران مختلف شعبن ۾ روڪيل ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي داخلائون روڪڻ بعد ڪميٽي قائم ڪئي آهي، فيڪلٽي ميمبر ۽ انفرااسٽرڪچر ليب فنڊس جي کوٽ ڪري ناهي
ترجمان موجب ڪميٽي جلد هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي جواب ڏئي مختلف شعبن ۾ داخلائون بحال ڪرائيندي
ٻئي طرف شاھه لطيف يونيورسٽي جي رجسٽرار چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي غلط ڄاڻ وڄڻ ڪري معاملو ٿيو آهي حل ٿي ويندو
جن شعبن ۾ داخلائون روڪيون ويون آهن انهن ۾ پي ايڇ ڊي اسلامي اسٽڊيز. پي ايڇ ڊي پاڪستان جي تعليم
ايم فل پاڪستان جي تعليم، ايم فل سياسي سائنس، پي ايڇ ڊي سياسي سائنس، ايم فل معاشيات، ايم فل انگريزي لسانيات شامل آهن
ايم ايس سنڌي، پي ڊي ايڇ سنڌي، ايم ايس اردو، پي ايڇ ڊي اردو، ايم ايس آرڪيالاجي، پي ايڇ ڊي آرڪيالاجي، پي ايڇ ڊي جاگرافي ، پي ايڇ ڊي فزڪس ، ايم ايس فزڪس ، پي ايڇ ڊي جا انگ اکر، ايم ايس جا انگ اکر ، پي ايڇ ڊي زيولوجي، ايم ايس تعليم ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم ۾ به داخلائون روڪيون ويون آهن