لطيف يونيورسٽي گهوٽڪي ڪئمپس سهولتن کان محروم،شاگرد پريشان
مَي 31, 2025
گهوٽڪي(رپورٽ ماجد علي سنگهڙ)شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ڪيمپس گهوٽڪي مسئلن جي ور چڙهي وئي، اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مھر جي ڪوششن سان منظور ٿيل ڪيمپس کي بجلي، لائبريري، هال، اسپورٽس گرائونڊ ۽ ليب توڙي عمارت ناهي ملي سگهي، ڪيمپس ڊگري ڪاليج گهوٽڪي جي عمارت ۾هلندڙ آهي،ڊگري ڪاليج گهوٽڪي جي پرنسپال پاران عمارت کي خالي ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ڪاليج جي پرنسپال عبدالحفيظ دايو جو چوڻ آهي ته اختيارين عمارت خالي ڪرڻ لاءِ وارننگ ڏني آهي،هن ٻڌايو ته عمارت جي هڪ حصي تي ڪيمپس وارن کي 15 کان 20 ڪمرا ڏنا آهن، شاگردن جي داخلا وڌي وڃڻ ڪري اسان کي به ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، سنڌ حڪومت پاران شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ڪيمپس گهوٽڪي لاءِ قومي شاهراهه رڪ فارم بس اسٽاپ تي 60 جريب زمين ڏيڻ کانسواءِ گهوٽڪي لڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي روڊ تي قائم اڳوڻي آرمي پبلڪ اسڪول جي عمارت حوالي ڪرڻ بابت يونيورسٽي انتظاميه کي آگاهه ڪيو ويو آهي، اڳوڻي آرمي پبلڪ اسڪول جي عمارت به ڪيپمس جي انتظاميه حوالي ڪرڻ کان اڳ اسڪول مان اڻڄاتلن ماڻهو لوهه، سرون ۽ ٻيو سامان ڪڍي عمارت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته ضلعي انتظاميه اسڪول جي عمارت کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو نوٽيس نه ورتو، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ڪيمپس گهوٽڪي هاسٽل کان محروم آهي جنهن جي ڪري ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ شاگرد، شاگردياڻيون توڙي ڪيمپس جو اسٽاف ڪرائي جي جڳهن تي رهڻ تي مجبور آهي جڏهن ته ڪيمپس انتطاميه پاران پنو عاقل ۽ اٻاوڙو تائين ٻه پوائنٽون هلايون وڃن ٿيون
-
گهوٽڪي واسين پاران ميڊيڪل يونيورسٽي ڪيمپس جي گهر
گهوٽڪي: گھوٽڪي جي سياسي، سماجي ۽ ساڃاه وند ڌرين پاران گهوٽڪي ضلعي ۾ ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج جو ڪيمپس قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ان سلسلي ۾ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گهوٽڪي آمد دوران صوبائي وزير محمد بخش مهر ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جو ڪيمپس ڏيڻ جي گهر ڪندو رهيو آهي پر هن محل تائين گهوٽڪي واسين جي اهڙي مطالبي کي پورو ناهي ڪيو ويو،گذريل اليڪشن کان اڳ بلاول ڀٽو گهوٽڪي ۾ اهڙو مطالبو رکڻ تي آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو ڪيمپس ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد ضلعي انتظاميه سرڪٽ هائوس جي عاليشان عمارت آءِ بي اي سکر جي حوالي ڪئي، پر هن مهل تائين آءِ بي اي سکر تدريسي عمل شروع ناهي ڪيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جو ڪيمپس ڏيڻ بجاءِ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو ڪيمپس قائم ڪرڻ تي گهوٽڪي واسي مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ گهوٽڪي واسين جو چوڻ آهي ته آءِ بي آي يونيورسٽي سکر خانگي آهي جنهن جي فيس ڀرڻ غريب ماڻهن جي وس ۾ ناهي، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي بجاءِ امير مانهن جا ٻار ئي آءِ بي اي مان تعليم حاصل ڪندا، گھوٽڪي واسين پاران ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جا ڪيمپس قائم ڪرڻ جي گهر ڪرڻ باوجود هتان جي چونڊيل نمائندن پ پ قيادت توڙي وس وارن اختيارين آڏو آواز نه اٿاريو
-
چونڊيل نمائندن جي يونيورسٽي منظور ڪرائڻ ۾ دلچسپ ناهي: پرنسپال
گهوٽڪي : شاهه عبداللطيف يونيورسٽي گهوٽڪي ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر مقصود ضياءَ رابطي تي ٻڌايو ته گهوٽڪي ڪيمپس کي پنهنجي بلڊنگ نه هجڻ ڪري ڪافي مسئلا پيش اچي رهيا آهن ڪيمپس ۾ هرسال 150 سئو شاگرد جي داخلا ڪري رهيا آهيون اسان پي سي ون تيار ڪري سنڌ حڪومت هائير ايجوڪيشن کي موڪلي آهي هڪ سئو ملين جي بجيٽ جي ڊيمانڊ ڪئي آهي، جڏهن ته اسان کي سنڌ حڪومت 120 جريب زمين رڪ فارم وٽ الاٽ ڪئي آهي پر ان ۾ ڪجهه مسئلا اچي رهيا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سيد مقصود ضياءَ موجب ته گهوٽڪي ضلعي مان چونڊيل نمائندن جي يونيورسٽي منظور ڪرائڻ ۾ دلچسپ ناهي،انهن کي يونيورسٽي لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي.