لطيف يونيورسٽي ۾ انٽر ورسٽي بيڊمنٽن چيمپئن شپ جو افتتاح

لطيف يونيورسٽي ۾ انٽر ورسٽي بيڊمنٽن چيمپئن شپ جو افتتاح

خيرپور(رپورٽر)  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي بيڊمنٽن وومين چيمپيئن شپ 2025-26 جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. تقريب جو افتتاح مهمانِ خاص صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ڪيو. آيل مهمانن ٽيمن کي ڀليڪار چوندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر يوسف خشڪ ٻڌايو ته ڏھن  سالن کان وڌيڪ عرصي بعد  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ قومي سطح جي هي عورتن جي وڏي تقريب ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي مختلف حصن مان 27 کان وڌيڪ ٽيمون ٽي ڏينهن لاءِ حصو وٺي رهيون آهن. سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا، ۽ گلگت بلتستان جي شاگردياڻين رنگن سان ڀرپور ثقافتي شو پروگرام کي يادگار بڻايو، ڪاروائي ڊائريڪٽر اسپورٽس محمد مراد پيرزادو هلائي. افتتاحي تقريب شاگردياڻين جي رنگارنگ موسيقي ۽ راندين سان لاڳاپيل گيتن سان پڄاڻي تي پهتي. هي چيمپيئن شپ سالو جي اسپورٽس ڊپارٽمينٽ ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان منعقد ڪئي پئي وڃي.