لطيف کوسه ۽ بشريٰ بي بي آڊيو جي فارنزڪ جو حڪم : ڊي جي آءِ ايس آءِ ٻڌائي ته آڊيو ڪنهن جاري ڪئي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

ڊسمبر 7, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) کي سينئر وڪيل لطيف کوسه ۽ عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ليڪ ٿيل آڊيو جي فارنزڪ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لطيف کوسه ۽ بشريٰ بي بي آڊيو ليڪ بابت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته جاچ ڪئي وڃي ته سڀني کان پهريان آڊيو ڪٿان کان جاري ٿي؟. جسٽس بابر ستار چيو ته پيمرا ٻڌائي ماڻهن جي نجي ڳالهه ٻولهه ڪيئن ٽي وي چينلز تي نشر ٿي رهي آهي.؟

 جسٽس بابر ستار درخواست تي لڳايل اعتراض ختم ڪندي پڇاڻو ڪيو ته درخواست تي رجسٽرار آفيس جو ڪهڙو  اعتراض آهي؟ لطيف کوسه ٻڌايو ته اعتراض اهو آهي ته ڌار درخواست داخل ڪريو، گڏيل درخواست ڪيئن داخل ڪري سگهو ٿا؟ آڊيو ليڪس  ڪيس ۾ گڏيل درخواست داخل ٿي سگهي ٿي، وڪيل ۽ موڪل جي ڳالهه ٻولهه تي استحقاق هوندو آهي

جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏنا ته بگ باس سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو آهي اوهان کي ته خبر هجڻ گهرجي، جسٽس بابر ستار جي اهڙي جملي تي عدالت ۾ ٽهڪڙا لڳي ويا، جسٽس بابر ستار پڇيو آڊيو ڪير رڪارڊ ڪري رهيو آهي؟ جنهن تي لطيف کوسه چيو سڀني کي خبر آهي ڪير رڪارڊ ڪندو آهي

جسٽس بابر ستار چيو ته اندازن تي ته نٿا هلي سگهون، لطيف کوسه چيو ته اهو منهنجو نه پر پوري ملڪ جي وڪيلن جو مسئلو آهي، وڪيل موڪل سان آزادي سان ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگهي ته انصاف جو نظام ڪيئن هلندو؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته ڪٿان کان آڊيو سوشل ميڊيا تي آئي آهي؟ جنهن تي لطيف کوسه چيو ته آڊيو سمورن ٽي وي چينلز تي نشر ڪئي وئي

جسٽس بابر ستار چيو ته سڀني کان پهرين ٽوئٽر(ايڪس) تي آئي يا ڪنهن ٻئي هنڌ؟ اها خبر پئجي وڃي رليز ڪٿان کان ٿي ته خبر پئجي سگهي ٿي ته رڪارڊ ڪنهن ڪئي؟ لطيف کوسه چيو ته پيمرا هونئن ته ڪنهن جو به نالو وٺڻ تي اسڪرين بند ڪري ڇڏيندي آهي، مون سان ته هاڻ ڪير به نٿو ڳالهائي چون ٿا ته اوهان جو ته فون ئي محفوظ نه آهي

جسٽس بابر ستار درخواست جي ڪاپي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي اماڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ به رپورٽ ڏئي ته آڊيو ڪنهن رليز ڪئي

عدالت بشريٰ بي بي ۽ لطيف کوسه جي آڊيو ليڪ جي معاملي تي ايف آءِ اي، پيمرا ۽ پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو جنهن کان پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

Leave A Comment