لطيف کوسه ۽ ٻيا عمران جا وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لفٽ ۾ ڦاسي پيا

آگسٽ 25, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل لطيف کوسه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لفٽ ۾ ڦاسي پيو، لفٽ ۾ کيس اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي

ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ لطيف کوسه لفٽ ۾ سوار ٿي نڪتو ته لفٽ ۾ ئي ڦاسي پيو، ٻيا وڪيل لفٽ ٻاهران سندس اچڻ جو انتظار ڪندا رهيا

پي ٽي آءِ جو وڪيل نعيم پنجوٿه به لفٽ ۾ موجود آهي، لفٽ کي کولڻ لاءِ عملي کي گهرايو ويو پر اڌ ڪلاڪ تائين اهڙيون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون

لفٽ ۾ موجود ماڻهن پاران ٻاهر فون تي رابطو ڪري چيو ويو ته لفٽ کي کوليو وڃي، اندر اسان جو ساهه منجهي رهيو آهي

تقريبن اڌ ڪلاڪ کانپوءِ لفٽ جو دڙ ٽوڙي لطيف کوسه ۽ ٻين وڪيلن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، ريسڪيو عملي کي طلب ڪيو ويو هو، ساڳئي لفٽ گذريل ڏينهن به ايئن اڌ ۾ بند ٿي وئي هئي

Leave A Comment