لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ ميان رتو سولنگي ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان هلندڙ علامہ تارڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ راندين جو هفتو ملهايو ويو. جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن مختلف راندين ۾ حصو ورتو. ونجهوٽي، رسي مٿان بُل، ڪرڪيٽ، والي بال، ارچڪ مِرچِڪ، اک ٻوٽ، ٺپي راند، ڊوڙ سميت مختلف رانديون ڪرايون ويون. اسڪول جي آپريٽر سجاد اڪبر مغيري، هيڊ ماستر نجم الدين سولنگي، استاد امجد خاصخيلي، حسن سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
ڪامياب رانديگرن مھتاب، ابوبڪر، شاگردياڻين ۾ نورفاطمه ۽ صنم کي امير علي مغيري، غلام عمر سولنگي ۽ زين چانڊيو روڪ رقم ۽ شيلڊون ڏنيون.