لعلورائنڪ ۾ مغيري-سولنگي تڪرار جو جرڳو:  7 خون ثابت: 6 ڪروڙ 18 لک ڏنڊ

لعلورائنڪ ۾ مغيري-سولنگي تڪرار جو جرڳو:  7 خون ثابت: 6 ڪروڙ 18 لک ڏنڊ

قمبر (رپورٽ: رحيم منگي) قمبر ۾ مغيري ۽ سولنگي ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان مارجي ويل 7 ڄڻن  ۽ 4 زخمين جو جرڳو، 6 ڪروڙ، 18 لک ڏنڊ مقرر،  پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي سرپئنچي ۾لعلورائنڪ جي ڳوٺ رتوسولنگي ۽ ڳوٺ قائم خان مغيري جي محمد صديق مغيري جي ڌرين ۾ هلندڙ زرعي زمين جي مهاڳ جي معاملي تان هلندڙ تڪرار ۾ مارجي ويل 7 ڄڻن جي خونن ۽ 4 زخمين جو  جرڳو ڪيو ويو، جرڳي ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد ٻنهي ڌرين تي 6 ڪروڙ 18 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، جهيڙي ۾ مارجي ويل سولنگي ڌر جي 4 ڄڻن شوڪت علي، ماجد علي، امجد علي ۽ امير علي سولنگي جا خون مغيري ڌر تي ثابت ٿيا، فيصلي ۾ في خون جي بها 60 لک رپيا رکي وئي، جنهن جا مغيري ڌر مٿان 2 ڪروڙ 40 لک،جڏهن ته مغيري برادري طرفان بي واجبي ڪرڻ سولنگي برادري جي ماڻهن جاگهر ڊاهڻ ۽ ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جا مغيري ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 20لک،هڪ زخمي جا 8 لک، هٿيار کڻي وڃڻ جا 10 لک، چرس جو ڪوڙو ڪيس ڪرائڻ جا 5 لک اهڙي، جڏهن ته جهيڙي دوران مارجي ويل هڪ  واٽهڙو عبدالستار ٽوٽاڻي جو خون به مغيري ڌر مٿان ثابت ٿيو، جنهن جا 60 لک ۽ هڪ واٽهڙو زخمي ٿيڻ جا 25 لک اهڙي طرح وڌيڪ 85 لک رپيا مغيري ڌر مٿان ڏنڊ رکيو ويو،فيصلي ۾  مجموعي طور مغيري ڌر مٿان 4 ڪروڙ 68 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو،فيصلي ۾ محمد صديق مغيري جي ڌر جي 2 ڄڻن خالد مغيري ۽ گلاب خان مغيري جا خون سولنگي برادري تي ثابت ٿيڻ جا هڪ ڪروڙ 20 لک ۽ 2 زخمين جا 30 لک مجموعي طور سولنگي برادري مٿان هڪ ڪروڙ 50 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو،ڏنڊ جي رقم 3 قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، ڌريون هڪ ٻئي مٿان داخل ڪيل ڪيس هڪ ٻئي کي لکي ڏينديون، اهڙو فيصلو ٻنهي ڌرين قبول ڪيو.ياد رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ 5 سال اڳ زرعي زمين اڳيان پيل مهاڳ واري سرڪاري زمين جي ٽڪري جي مالڪي تان جهيڙو شروع ٿيو هيو.