لعلو رائنڪ ويجهو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار نبري ويو: هڪ ڪروڙ 40 لک ڏنڊ

جنوري 15, 2024

لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار نبري ويو، هڪ ڌر تي هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. تفصيل موجب ڳوٺ جامڪ چانڊيو ۽ ڳوٺ پِيرو جج جي وراڻي چانڊيا ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو اڳوڻي ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو جي سرپئنچي ۾ قمبر واري رهائشگاهه تي ڪيو ويو، پنج مهينا اڳ موٽر سائيڪل ڦُر جي معامري تان جوڻيجا لاڙي وٽ هٿياربندن ڳوٺ پيرُو جج جي رهواسي ڳوٺاڻي روشن چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا هئا جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. راڄوڻي ڪوششن بعد اِهڙو فيصلو نواب سردار خان چانڊيو جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو. ڳوٺ جامڪ چانڊيو جي لائق چانڊيو ڌر مٿان ڳوٺاڻي روشن چانڊيو جي قتل ۽ زخمي شمعو خان چانڊيو، وسيم چانڊيو ۽ اٺن ورهين جي نينگر امان الله چانڊيو جي ڏنڊ چٽي هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا رکي وئي. ڌرين کي پابند بڻايو ويو ته اڳتي جيڪو اڳرائي ڪندو اُن تي ٻِيڻ چٽي رکي ويندي اِهڙو فيصلو ڌرين قبولي ورتو آهي جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. اهڙي نبيري بعد علائقي ۾ سرهائي پکڙجي وئي.

Leave A Comment