لعلو رائنڪ ۾ بدامني وڌي وئي، ڏينهن ڏٺي ڦر ۽ چوريون، احتجاج

سيپٽمبر 26, 2023

لعلورائنڪ (ن پ ا ) لعلورائنڪ جي ڪهيري پاڙي ۾ لاڙڪاڻي کان اوڳاڙي لاءِ ايندڙ چانورن جي مشهور واپاري رضا محمد شيخ کان

 نامعلوم ڏوهارين هٿيارن جي زور تي پنجانوي هزار روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع لعلورائنڪ ٿاڻي تي اطلاع ڪيو پر پوليس بروقت پهچي ڪا به ڪارروائي ڪري نه سگهي ۽ ڦورو آساني سان فرار ٿي ويا

 ٻن ڪلاڪن جي وقفي کانپوءِ لعلورائنڪ جي شاهي بازار ۾ ايزي لوڊ جو دڪان هلائيندڙ شهري حافظ رجب سولنگي جي گهر اڳيان چور سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع پڻ ٿاڻي تي ڪيو ويو پر پوليس روايتي سستي برقرار رکندي ڪو قدم نه کنيو

 جنهن بعد شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ ٿاڻي اندر احتجاج ڪري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. شهري اتحاد جي اڳواڻ مولانا مفتي عبدالحليم ڇُٽو، نياز وڪو، سعيد راجپوت، ۽ حافظ رجب سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لعلورائنڪ شهر توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي  وئي آهي

 هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل پيسا موٽر سائيڪل ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سڀاڻي شهر اندر شٽر بند هڙتال ڪري ٿاڻي اندر ڌرڻو هنيو ويندو

Leave A Comment