لعلو رائنڪ ( ن پ ا ) لعلو رائنڪ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي، آبادگارن آبپاشي کاتي جي اختيارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
نصير شاخ، سردار واھ، وڳڻ شاخ، نيڪر شاخ، لُنڊي شاخ، ڪالري شاخ سميت مختلف شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ سبب فصلن جي پوکي سخت متاثر ٿيڻ لڳي آهي.
آبادگارن حاجي خان چانڊيو، سهراب گوگاڻي ۽ نعمت گوگاڻي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته نااهل حڪمرانن گذريل سال ٻوڙي تباھ ڪيو ۽ هاڻي واري ايترو به پاڻي نه پيا ڏين جو اسان فصل پوکي سگهون.
هنن چيو ته آبپاشي عملدار پاڻي جي فراهمي جي ذميواري پوري ڪن ٻي صورت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.