لفظن جي فضول خرچي ڪندڙ قوم ۽ قديم آثارن کي بچائڻ جي ذميواري

جيڪي قومون ڪجھه نه ڪنديون آهن، اھي صرف “فخر” ڪنديون آهن. انھن جو صرف لفاظيءَ تي زور ھوندو آھي. اھي لفظن جي فضول خرچي ڪنديون آهن. عملي طرح ڪجھه به ڪري نه سگھنديون آھن. اھڙو ئي مثال اسان جو پڻ آهي. اسان کي سر جان مارشل ھڪ صدي اڳ موھن جي دڙي جا آثار ڳولي ڏنا ۽ ٻڌايو ته اسان پنج ھزار سال پراڻي تھذيب جا وارث آهيون. ڀٽ ڌڻيءَ جو رسالو به اسان کي ٽرمپ جرمنيءَ مان ڇپرائي ڏنو. اسان کي سنڌي صورتخطي (رسم الخط) 1853ع ۾ انگريزن ٺھرائي ڏني. اسان ڇا ڪيو؟ اسان صرف فخر ڪيو، جيڪو اڃان تائين بنان ڪنھن ڪوتاھي جي ڪندا پيا اچون. اسان جھڙيون قومون ماضيءَ ۾ جيئنديون آھن. انھن جو نه حال ھوندو آھي ۽ نه ٿي مستقبل. اسان پنھنجي جنھن ورثي تي فخر ڪندا آهيون، ان کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندا آھيون. اھائي ڪوشش ھوندي آھي ته ٻيا اسان کي اھي اسان جا فخر جوڳا ورثا بچائي ڏين. گڏيل قومن جو ادارو يونيسڪو ان حوالي سان سڄي دنيا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. يونيسڪو سنڌ جي 3 تاريخي قلعن نئون ڪوٽ قلعي، عمرڪوٽ قلعي ۽ ڪوٽڏيجي قلعي کي عالمي ثقافتي ورثي جي ابتدائي فهرست ۾ باضابطا طور تي شامل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ يونيسڪو جي پاڪستاني نمائندي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڀنڀور کي يونيسڪو جي حتمي لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ سنڌ جي قديمي آثارن واري کاتي جي اختيارين تفصيلي رپورٽ يونيسڪو ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، يونيسڪو  جو وفد جائزو وٺڻ لاءِ ڀنڀور پهچندو، 2027 ۾ ٿيندڙ يونيسڪو جي اجلاس ۾ ڀنڀور کي به ايجنڊا طور شامل ڪيو ويندو.

سنڌ هزارين سالن جي تهذيب، علم، ثقافت ۽ تاريخ جو امين خطو آهي. هتي جي ڌرتيءَ تي موهن جو دڙو، ڀنڀور، رني ڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي، مڪلي، آمري ۽ ڪيترائي اهڙا تاريخي ماڳ موجود آهن، جيڪي نه فقط سنڌ پر سڄي دنيا جي انساني تهذيب جا اهم نشان آهن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جا اهي تاريخي ۽ قديمي ماڳ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ نظرانداز ٿيندا پيا وڃن ۽ وقت سان گڏ تباهيءَ جو شڪار بڻجي رهيا آهن. حڪومتي بي ڌياني، ناقص منصوبابندي، غيرقانوني قبضا، موسمي اثر ۽ عوامي شعور جي کوٽ سبب اسان جو تاريخي ورثو آهستي آهستي ميسارجي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن به سنڌ جي تاريخي ماڳن جي خراب حالت بابت سوال اٿيا، تڏهن صوبائي حڪمران اهو جواز پيش ڪندا هئا ته قديم آثارن وارو کاتو وفاق جي اختيار ۾ آهي، تنهن ڪري صوبي وٽ محدود اختيار آهن. اهو دليل ڪنهن حد تائين قبول به ڪيو ويندو هو، پر ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ جڏهن قديم آثارن ۽ ثقافتي ورثي جو کاتو صوبن جي حوالي ڪيو ويو، تڏهن اميد پيدا ٿي ته هاڻي سنڌ حڪومت پنهنجي تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ سنجيده قدم کڻندي. بدقسمتيءَ سان، ايتري وڏي آئيني تبديلي باوجود زميني حقيقتن ۾ ڪا نمايان بهتري نظر نه آئي.

اڄ به سنڌ جا ڪيترائي اهم آثار تباهيءَ جي ور چڙهيل آهن. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته اسان وٽ تاريخي ورثي جي تحفظ کي عملي ذميواريءَ بدران رڳو نمائشي ڪارڪردگي بڻايو ويو آهي. جڏهن ڪو ماڳ يونيسڪو جي عالمي ورثي واري فهرست ۾ شامل ٿئي ٿو ته بيان جاري ٿين ٿا، ۽ حڪومتون پنهنجو ڪريڊٽ کڻڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿيون. بيشڪ عالمي سطح تي ڪنهن ماڳ جو اعتراف سنڌ لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا صرف يونيسڪو جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ سان ذميواري پوري ٿي وڃي ٿي؟ جيڪڏهن اسان پاڻ پنهنجي تاريخي ماڳن جي حفاظت نه ڪنداسين، ته عالمي ادارا به ڪيترو بچائي سگهندا؟ اصل ذميواري ته اسان جي پنهنجي حڪومت، ادارن ۽ سماج تي عائد ٿئي ٿي. ضروري آهي ته آثار قديمه واري کاتي کي صرف نالي ماتر نه، پر مالي ۽ انتظامي طور به مضبوط ڪيو وڃي. ماهرن، آرڪيالاجسٽن ۽ ثقافتي محققن کي جديد سهولتون ۽ وسيلن سان ليس ڪيو وڃي. تاريخي ماڳن جي باقاعده مرمت، دستاويزڪاري ۽ ڊجيٽل رڪارڊنگ ڪئي وڃي. انهن ماڳن جي چوڌاري غيرقانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.