لمس جي وي سي ڊاڪٽر اڪرام الدين جون ڊگريون شڪي، رڪارڊ طلب

جُون 13, 2023

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) لياقت يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي ڊگرين جي جاچ لاءِ نيب پاران يونيورسٽيز ۽ بورڊز اختيارين کي لکيل ليٽر سامهون اچي ويو آهي

نيب جي ايڊيشنل اسٽاف جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد طرفان لکيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي سروس جو 24 مئي 2023ع تائين جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هن جي ڊگرين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي

نيب طرفان لمس جي وي سي جي ڊگرين جو رڪارڊ  گهرڻ لاءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي اختيارين کي 19 مئي تي ليٽر لکيو ويو هو جيڪو منظر عام تي اچي ويو آهي

Leave A Comment