لمس جي پرو وائيس چانسلر جي مقرري واري سمري معطل، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس

اپريل 9, 2025

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ آئيني بينچ لمس يونيورسٽي ۾ تازو مقرر ٿيل پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر ارشد ابڙو جي يونيورسٽيز بورڊ ڊپارٽمينٽ پاران وڏي وزير کي اماڻيل سمري معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊ، سيڪريٽري ھيلٿ، رجسٽرار لمس کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آھي ان سلسلي ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي آئيني بئنچ جي جسٽس ارباب علي ھڪڙو ۽ جسٽس رياضت علي ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ۾ درخواستگذار سيما ناز پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ همايون راڻا معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته لمس يونيورسٽي ۾ سينئر پروفيسرن جي موجودگي ۾ سياسي اثر رسوخ رکندڙ ڊاڪٽر ارشد ابڙو جي پرووائيس چانسلر لاءِ سمري يونيورسٽيز بورڊ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري وڏي وزير ڏانھن اماڻي آھي لمس يونيورسٽي جي قانون ساز اداري سينڊيڪيٽ مان ڊاڪٽر ارشد ابڙو مٿان ستن سالن تائين انتظامي عهدا ڏيڻ تي پابندي لڳل آهي ڊاڪٽر ارشد ابڙو جونيئر هجڻ سان گڏوگڏ سينڊيڪيٽ مان سزايافته پڻ آهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊاڪٽر ارشد ابڙو جي يونيورسٽيز بورڊ ڊپارٽمينٽ پاران 26 مارچ 2025ع تي سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻيل سمري معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊ، سيڪريٽري ھيلٿ، رجسٽرار لمس کي 22 اپريل تائين نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

 

Leave A Comment