لمس ۾ اي ايم ايس جي ملازمن سان بدسلوڪي: جاچ حڪم  

لمس ۾ اي ايم ايس جي ملازمن سان بدسلوڪي: جاچ حڪم  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياقت يونيورسٽي اسپتال ۾ اي ايم ايس پاران عملي کي هراسان ڪرڻ جي جاچ جو حڪم: ڊي جي صحت جي سربراهي هيٺ ڪاميٽي به قائم، ان ڏس ۾ صحت کاتي جي اختيارين پاران لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۾ اي ايم ايس ڊاڪٽر مجيب الرحمان خلاف عملي پاران  هراسان ڪرڻ جون شڪايتون اچڻ تي ڊي جي صحت ڊاڪٽر وقار ميمڻ جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ اسپتال پهچي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر  ۽ شڪايتون ڪندڙ عملي جا بيان وٺي جاچ ڪئي وڃي. جاچ مڪمل ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.