لنجار هائوس ڪيس، 4 جوابدار گرفتار
جُون 13, 2025
نوشهروفيروز ( پنهنجي ڊيسڪ ) گهرو صوبائي وزير ضياءَ لنجار هائوس کي باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ ضمانت لاءِ 4 جوابدارن کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻڌڻي 17جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي
ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيلن جو چوڻ هو ته عمران جويو، صمد ڀٽي، اڪرم ڀٽي ۽ سجاد علي کوکر ڪچي ضمانت ھجڻ باوجود عدالت ٻاھران گرفتار ڪيو ويوآهي
وڪيل جو چوڻ هو ته عدالت ٻاھران بيٺل پوليس اهلڪار جوابدارن کي کنڀي کڻي ويا آهن.