| لنڊن: فلسطين جي حمايت ۾ هزارين ماڻهو نڪري آيا، مارچ |
لنڊن (م ڊ) لنڊن ۾ فلسطين جي حمايت ۾ ڪالهه به هزارين شهري روڊن تي نڪري آيا، جن احتجاجي مارچ ڪيو، اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي نسل پرستي خلاف ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم پڻ پنهنجي اينٽي فاشسٽ ريلي کي فلسطين مارچ سان گڏائي ڇڏيو. فلسطين حامي مظاهرين غزه ۾ جنگ بندي، فلسطيني رياست جي قيام ۽ برطانوي حڪومت کان اسرائيل جي حمايت ختم ڪرڻ جا مطالبا ڪيا. مظاهرين چيو ته اسرائيل جو رويو ناقابل يقين حد تائين غيرمنصفاڻو آهي. مظاهري دوران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا.ياد رهي ته انهن مظاهرن کان هڪ ڏينهن اڳ برطانوي وزيراعظم اسٽارمر خبردار ڪيو هو ته روڊن تي بدامني يا ڌمڪي آميز رويو اختيار ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.