لنڊن پلان ۾ مونکي 10 سالن لاءِ قيد ڪرڻ جي رٿا آهي: عمران
مَي 15, 2023
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لنڊن پلان تحت مونکي 10 سال قيد ڪرڻ جي رٿا جوري وئي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ٽويٽ ۾ هن چيو ته لنڊن پلان تحت مون کي 10 سالن لاءِ قيد ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، هن چيو ته جيئن اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ تي پابندي هنئي وئي هئي، تيئن منهنجي خلاف به بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائي قيد ڪيو ويندو، لنڊن پلان تحت منهنجي پارٽيءَ تي پابندي هنئي ويندي، هنن جو منصوبو اهو آهي ته بشريٰ بي بي کي قيد ڪري مون کي اذيت پهچائين، عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته آخري دم تائين وڙهندس. عمران خان چيو ته پي ڊي ايم جي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي جو واحد مقصد چيف جسٽس کي داٻي ۾ آڻڻ آهي، حڪمران جماعتن جي احتجاج جو مقصد چيف جسٽس کي آئين موجب فيصلو ڪرڻ کان روڪڻ آهي