لنڊن (پنهنجي ڊيسڪ) نواز ليگ جي قائد نواز شريف تي لنڊن ۾ حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو محفوظ رهيو آهي اهڙ واقعو رات پيش آيو هو
ميڊيا رپورٽس موجب نواز شريف پنهنجي ٻن گارڊز سان گڏ لنڊن جي ڪيفي ۾ ڪافي پيئڻ ويو هو جتي واقعو پيش آيو
بليڪ لائف ميٽرز جي سلسلي ۾ احتجاج جاري هو ۽ نواز شريف پنهنجي گاڏي ۾ اتان گذري رهيو هو
ميڊيا رپورٽس موجب مظاهرين مان هڪ شخص نواز شريف جي گاڏي تي ڪافي اڇلائي ۽ گاڏي کي لتون به هنيو ويو
شروعاتي طور اهي به اطلاع سامهون آيا ته حملو ڪندڙ 10 ڄڻا هئا جن جو تعلق تحريڪ انصاف سان ٻڌايو پيو وڃي حملو ڪندڙن مان هڪ ڄڻي کي گرفتار به ڪيو ويو
حملي ۾ نواز شريف جي گاڏي کي نقصان پهتو پر نواز شريف پاڻ محفوظ رهيو