لواري شريف ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ خانصاحب زلمي کٽي ورتو: مير مارخور کي شڪست

لواري شريف ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ خانصاحب زلمي کٽي ورتو: مير مارخور کي شڪست

بدين (رپورٽر) ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع بدين جي طرفان نشات نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل مئچ گرائونڊ خانصاحب عبدالرحمان لواري شريف ۾ ٿي گذريو مير مارخور ۽ خانصاحب زلمي جي وچ ۾ فائنل مئچ ٿيو جنهن ۾ خانصاحب زلمي ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جن بھترين بيٽنگ ڪندي 226 جو ٽارگيٽ ڏنو ان کان بعد مير مارخور بھترين بيٽنگ ڪندي 215 تائين اسڪور ٺاھي سگھي ۽ خانصاحب زلمي 11 رنس تان فائنل کٽي ورتو، فائنل جي تقريب ۾مير انوار بخش ٽالپرچئيرمين يونين ڪائونسل لواري شريف اياز انصاري اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر لواري شريف، نشات تنظيم جا مرڪزي نائب صدر مولا بخش چنا، نشات تنظيم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري پيار علي ٽالپر، نشات تنظيم ريجن بدين جا صدر فتح الله جوڻيجو، ريجن نائب صدر محمد سومار ڪوريجو، ناجيہ شاگرد تنظيم جا مرڪزي صدر حبيب الله جوڻيجو ۽ جنرل سيڪريٽري فيض الله قاضي، ناجيہ شاگرد تنظيم ضلع بدين جا صدر نبيب الله ڪوريجو ۽ ضلع عھديدارن، تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر عبدالفتاح جوڻيجو، پروفيسر حيات ڪيريو، جان محمد جوڻيجو آفيسر ميونسپل ڪميٽي بدين، ايڊووڪيٽ مير ممتاز ٽالپر، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلع جنرل سيڪريٽري ادي ساجده شجاع ٽالپر جن ھئا، ٽورنامينٽ جي مين آف دي سيريز جي ٽرافي سراج جوڻيجو کي ڏني وئي ۽ فائنل ۾ مين آف دي مئچ جي ٽرافي بہ سراج جوڻيجو پنهنجي نالي ڪري ورتي. فائنل مئچ جي رنرپ جي ٽرافي مير مارخور ڏانهن وئي ۽ فائنل مئچ ونر جي ٽرافي خانصاحب زلمي ڏانهن وئي. ڪرڪيٽ جي شائقنين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.