لوڪل گورنمينٽ ۾ غيرقانوني ڀرتيون ۽ مقرريون: انڪوائريون ٻيهر کولڻ کان انڪار

آگسٽ 25, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ مقررين سميت ڪرپشن معاملن جون 30 کان وڌيڪ بند ڪيل انڪوائريون کولڻ کان انڪار ڪيو ويو

فوتي ملازمن کي يوسي سيڪريٽرين مقرر ڪرڻ واري معاملي جي انڪوائري جو سمورو رڪارڊ ئي غائب ٿي ويو، ذريعن موجب مڪاني ادارن واري نگران صوبائي وزير کان انڪوائرين وارا معاملا ڳجها رکيا ويا

 اڳوڻي سيڪريٽري ضمير عباسي پاران بند ڪرايل انڪوائريون موجوده سيڪريٽري نوروز عباسي پاران به هلائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

فوتي ۽ رٽائرڊ ملازمن کي يوسي سيڪريٽري مقرر ڪندڙ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽو آفيسر جهامن داس خلاف بند پيل انڪوائري به کولڻ کان انڪار ڪيو ويو

ذريعن موجب جهامن داس خلاف اڳوڻي سيڪريٽري پاران ڪرايل انڪوائري بند ڪرڻ بعد موجوده سيڪريٽري انڪوائري رڪارڊ ئي گم ڪرائي ڇڏيو

سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ نوروز عباسي چيو آهي ته اڳوڻي سيڪريٽري پاران بند ڪرايل انڪوائريون ٻيهر نه ٿا کولي سگهون

Leave A Comment