لياري ۾ ڇاپو: مئل جانورن جو گوشت هٿ: ڪاسائي سوگهو

لياري ۾ ڇاپو: مئل جانورن جو گوشت هٿ: ڪاسائي سوگهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياري ۾ ڇاپو: مئل جانورن جو گوشت هٿ، ڪاسائي گرفتار،ان حوالي سان سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم آگره تاج ۾ ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ مئل جانورن جو گوشت هٿ ڪري ورتو، اٿارٽي موجب آگره تاج جي هڪ گهر اندر مئل جانورن کي ذبح ڪري گوشت مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويندو هو. اختيارين موجب ڪاسائي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.