لياقت جتوئي درگاهن جو پٽيل آهي(فياض ٻٽ)پ پ سنڌ کي اوڏهي وانگر کاڌو آهي:ڪريم جتوئي
فيبروري 5, 2024
نئون ڳوٺ/فريد آباد(رپورٽرز) پي ايس 81 تي پ پ اميدوار فياض ٻٽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لياقت جتوئي درگاهن جو پٽيل آهي
نئون ڳوٺ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ ڪچي وارن ريفيرڊم ڏئي پ پ پ مخالف لياقت جتوئي جي شڪست کي يقيني بڻائي ڇڏيو آھي
ھن چيو ته لياقت جتوئي ھتان جي ماڻھن سان جيڪي ظلم ڪيا اھي وسارڻ جوڳا ناھن، اليڪشن ۾ عوام پ پ مخالفن جي تڏا ويڙھ ڪري ڇڏيندي
ٻئي طرف پي ايس 80 جي اميدوار ڪريم جتوئي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته فريدآباد ڪاڇي سميت پ پ پ جي مسلسل 15سالن جي دور حڪومت ۾ ڪرپشن کانسواءِ عوام کي ڪجھه ناهي ڏنو
سندس چوڻ هو ته سمورا ترقياتي ڪم اسان جي دور جا ٿيل آهن، پ پ وارن اوڏهي وانگي سنڌ کي تباهه ڪيو آهي.