ليجنڊ آشا ڀوسلي جو آخري گانو 8 سيپٽمبر تي ايندو

ليجنڊ آشا ڀوسلي جو آخري گانو 8 سيپٽمبر تي ايندو

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارت جي ليجنڊري گلوڪاره آشا ڀوسلي جو پلي بيڪ سنگر طور رڪارڊ ڪيل آخري فلمي گانو 8 سيپٽمبر تي سندس سالگرهه جي موقعي تي رليز ڪيو ويندو. ڀارتي ميڊيا موجب آشا ڀوسلي جو آخري فلمي گانو ”اي ميري زندگي، تو ڇپي آهي ڪهان“ ايندڙ ڊراما ڪاميڊي فلم ”اوم ڪا هري“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.آشا ڀوسلي اهو گانو 2023ع جي آخر ۾ رڪارڊ ڪرايو هو، ان وقت سندس عمر 90 سالن کان وڌيڪ هئي. فلم ۾ اداڪار انشومن جها مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فلم جي هدايتڪاري هريش وياس ڏني آهي، واضح رهي ته آشا ڀوسلي هن سال اپريل ۾ ڊگهي بيماري کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي