| ليجنڊ ريسلر بروڪ ليز نر ريسلنگ کي الوداع چئي ڇڏيو |
نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ليجنڊ ريسلر بروڪ ليز نر ريسلنگ کي خيرباد چئي ڇڏيو. تفصيل موجب ڊبليو ڊبليو اي جي مقبول ترين ريسلرز جان سينا ۽ اي جي اسٽائلز کانپوءِ هڪ ٻئي ليجنڊ ريسلر لڳ ڀڳ 3 ڏهاڪن جي ڊگهي ڪيريئر کانپوءِ ريسلنگ جي دنيا کي خيرباد چئي ڇڏيو آهي. ڊبليو ڊبليو اي جو وڏو ايونٽ ريسل مينيا 42 ممڪنه طور تي مقبول ريسلر بروڪ ليزنر جي ڪيريئر جو آخري ايونٽ هو. 2002ع کان ڊبليو ڊبليو اي سان جڙيل بروڪ ليزنر کي هن ايونٽ ۾ اوبا فيمي هٿان شڪست کي منهن ڏيئڻو پيو. ريسل مينيا 42 جي ٻي رات، پهريون ميچ بروڪ ليزنر ۽ اوبا فيمي جي وچ ۾ ٿيو. شڪست کانپوءِ بروڪ ليزنر پنهنجو ريسلنگ گيئر (دستانا وغيره) رنگ ۾ ڇڏي هليو ويو، جيڪو ريسلنگ کي خيرباد چوڻ جو هڪ اشارو هو. عام طور تي ريسلرز ڪيريئر جي پڄاڻي تي علامتي طور پنهنجو سامان رنگ ۾ ڇڏي ويندا آهن. بروڪ ليزنر گيئر ڇڏڻ کانپوءِ پنهنجي دوست ۽ پراڻي مينيجر پال هيمن کي ڳلي لڳايو، جڏهن ته اتي موجود تماشاين “ٿينڪ يو بروڪ” (شکريا بروڪ) جا نعرا هنيا. رنگ مان نڪرڻ کان اڳ بروڪ ليزنر فرش کي چميو، جنهن سان ان خيال کي وڌيڪ هٿي ملي ته هي سندس آخري ميچ هو. 2002ع ۾ پهريون ڀيرو ڊبليو ڊبليو اي جو حصو بڻيو، پر 2004ع ۾ ان کي ڇڏي ڏنو هو ۽ ڪافي عرصي کانپوءِ ٻيهر واپسي ڪئي هئي. پنهنجي ڪيريئر دوران هن ڊبليو ڊبليو اي چيمپئن شپ، 3 ڀيرا يونيورسل چيمپئن شپ ۽ 2 ڀيرا رائل رمبل مقابلا کٽيا. 2014 ۾ هن ريسل مينيا ۾ انڊر ٽيڪر جو 21 سالن تائين ناقابلِ شڪست رهڻ جو رڪارڊ ٽوڙيو هو.