| ليجنڊ ٽرسٽ اڪائونٽ مان 55.6 ملين ڪرپشن جي جوابدار جي ضمانت رد |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ا سپيشل جج اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ ليجنڊ ٽرسٽ اڪائونٽ مان جعلي چيڪن ذريعي 55.6 ملين رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نعمت الله جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ جوابدار نعمت الله جي ضمانت رد ڪئي، عدالت جاچ آفيسر کي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ 6 فيبروري تائين جو وقت ڏنو، ياد رهي ته اينٽي ڪرپشن ويسٽ جاچ آفيسر جوابدار نعمت الله کي گرفتار ڪيو هو، جاچ آفيسر چيو ته جوابدار پنهنجي ساٿين جي مدد سان پنهنجي نالي تي 25 ملين رپين جا چيڪ ڪڍيا هئا، جوابدار تي ڪل 50 ملين رپين کان وڌيڪ جي فراڊ جو الزام آهي۔