| ليجنڊ ڌرميندر جي حالت ڳڻتي جوڳي، ٻيهر وينٽيليٽر تي منتقل |
ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار ڌرميندر کي طبيعت بگڙجڻ سبب اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ رپورٽن موجب هن وقت کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 89 ورهين جو ليجنڊري اداڪار ڌرميندر ممبئيءَ جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل آهي، جتي کيس وينيٽليٽر تي رکيو ويو آهي.مختلف ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڌرميندر ڪيترن ڏينهن کان بيمار هو ۽ ڪالهه حالت خراب ٿيڻ تي کيس آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو. رپورٽن موجب، ڌرميندر جي ويجهن ماڻهن ۽ گهر ڀاتين جو اسپتال اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي، في الحال ديول فيملي ۽ اسپتال انتظاميا طرفان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو .پرڏيهي ميڊيا موجب، ڌرميندر کي گذريل هفتي به ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ تي اسپتال آندو ويو هو، جڏهن ته هلندڙ سال اپريل ۾ سندس اکين جي آپريشن به ڪئي وئي هئي.