| ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداد کي دل جي تڪليف، اسپتال داخل، اينجيوگرافي |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو عظيم ۽ مشهور ڪرڪيٽر جاويد ميانداد دل جي تڪليف سبب اسپتال پهچي ويو. ميڊيا جي رپورٽ موجب جاويد ميانداد کي دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو جنهن کان پوءِ کيس گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. رپورٽ موجب اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان ڪراچي جي اسپتال ۾ پهتو جتي ڊاڪٽرن سندس ضروري ٽيسٽون ڪرڻ کان پوءِ اينجيو گرافي ڪئي ۽ رپورٽ جي مشاهدي کان پوءِ کيس صحتمند قرار ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف جاويد ميانداد اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڏنل سهوليتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گهر روانو ٿيڻ کان اڳ جاويد ميانداد چيو ته مان تمام گهڻو بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان الله جو ڪرم ۽ قوم جون دعائون رهيون ته طبيعت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.