| ليسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو 30 انساني زندگين ضايع ٿيڻ جون ذميوار قرار: پوڻا 6 ڪروڙ ڏنڊ لاڳو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بجلي جي تقسيم ڪار ڪمپنين جي غفلت سبب مالي سال 2023-24ع دوران 30 قيمتي زندگيون ضايع ٿي ويون. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليشن اٿارٽي تقسيم ڪار ڪمپنين ليسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو کي انساني زندگين جي ضايع جو ذميوار قرار ڏيندي مجموعي طور 5 ڪروڙ 75 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. مالي سال 2023-24ع دوران پيش آيل حادثن ۾ 30 انساني جانيون ضايع تي نيپرا ٽن وڏين بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪندي مجموعي طور 5 ڪروڙ 75 لک رپيا جو جرمانو عائد ڪيو آهي. اٿارٽي پاران جاري ڪيل فيصلن ۾ ليسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو کي سنگين غفلت ۽ حفاظتي انتظامن ۾ ڪمي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. فيصلن موجب ليسڪو تي 3 ڪروڙ، گيپڪو تي 1 ڪروڙ 75 لک ۽ فيسڪو تي هڪ ڪروڙ رپيا جو جرمانو لاڳو ڪيو ويو آهي. نيپرا واضح ڪيو آهي ته ڪمپنين جا وقت تي ۽ موثر قدم ان فوتگين وارن واقعن کي روڪي سگهجي ٿو، پر ضروري حفاظتي انتظامن نه ٿيڻ سبب حادثا پيش آيا. اٿارٽي جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ليسڪو علائقي ۾ 13، گيپڪو ۾ 9 ۽ فيسڪو جي علائقي ۾ 8 فوتڳيون رپورٽ ٿيون. ٽنهي ڪمپنين شوڪاز اٿارٽي کي مطمئين ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. نيپرا ڪمپنين کي حڪم ڏنو آهي ته مستقبل ۾ حادثن کان بچاءُ لاءِ مضبوط ۽ موثر حفاظتي انتظامات کي يقيني بڻائن.