ليسڪو سخت مالي ڏکيائن جو شڪار: هڪ سال ۾ 45 ارب 38 ڪروڙ جو خسارو: آڊٽ رپورٽ

ليسڪو سخت مالي ڏکيائن جو شڪار: هڪ سال ۾ 45 ارب 38 ڪروڙ جو خسارو: آڊٽ رپورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال دوران لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) کي ڳرن مالي خسارن، وڌندڙ ذميوارين ۽ خرچن جي دٻاءُ کي منهن ڏنو. آڊيٽر جنرل پاڪستان جي مالي سال 2025-26ع بابت آڊٽ رپورٽ موجب ليسڪو ڪمپني کي هڪ سال ۾ 45 ارب 38 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خسارو برداشت ڪرڻو پيو، ليسڪو جو مجموعي خرچ 728 ارب رپين تائين پهتو، جڏهن ته آمدني رڳو 660 ارب رپيا رهي، جنهن سبب ڪمپني کي وڏو مالي خسارو ٿيو. آڊٽ رپورٽ موجب ليسڪو جون مجموعي ذميواريون 567 ارب 77 ڪروڙ رپيا آهن، جڏهن ته ڪمپني جا اثاثا رڳو 392 ارب 82 ڪروڙ رپيا آهن، يعني ذميواريون اثاثن کان لڳ ڀڳ 175 ارب رپيا وڌيڪ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني جا 392 ارب رپين جا اثاثا، 567 ارب رپين جي قرضن ۽ ٻين واجبات جي مقابلي ۾ ناڪافي آهن، جنهن سبب ليسڪو کي سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. آڊٽ موجب بجلي خريد ڪرڻ تي ليسڪو جو خرچ 633 ارب رپين کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته صرف مالياتي خرچ 8 ارب 26 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو. انتظامي خرچ 36 ارب 86 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ، جڏهن ته ورهاست سان لاڳاپيل خرچ 43 ارب 29 ڪروڙ رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. آڊيٽر جنرل موجب ليسڪو بنا ڪنهن سرڪاري گرانٽ جي مالي سال مڪمل ڪيو، پر ان دوران 45 ارب رپين کان وڌيڪ خسارو برداشت ڪرڻو پيو. 660 ارب رپين جي آمدني به ڪمپني کي خساري کان بچائي نه سگهي. ليسڪو جون موجوده ذميواريون 329 ارب رپيا آهن، جڏهن ته موجوده اثاثا رڳو 237 ارب رپيا رهجي ويا آهن.جنهن سبب مختصر مدي واريون ذميواريون مختصر مدي وارن اثاثن کان 92 ارب رپين کان وڌيڪ ٿي ويون آهن. جيتوڻيڪ ليسڪو جون مالي رپورٽون مڪمل آهن، پر ڊپارٽمينٽل اڪائونٽس ڪميٽي (ڊي اي سي) جي هدايتن تي اڃا مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي.