ليول پليئنگ فيلڊ جو الزام هڻندڙ ميدان ۾ اچي مقابلو ڪن: مريم نواز چيلينج ڏئي ڇڏيو
جنوري 20, 2024
خانيوال (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ ۽ انتقام جو الزام هڻندڙ ٻڌائين ته ڇا نواز شريف چيو هو ته سائفر ڏيکاريو ۽ 9 مئي تي رياست مٿان حملو ڪي ڇڏيو.خانيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف واپس ان ڪري اچي سگهيو جو خانيوال وارن ن ليگ جو ساٿ ناهي ڇڏيو، سياست ۾ لاها چاڙها ايندا آهن پر ليڊر ۽ سياسي ڪارڪن اهو هوندو آهي جيڪو ميدان ڇڏي ناهي ڀڄندو. ڪارڪن شينهن جيان ڄمي بيٺا رهيا، جنهن تي کين سلام پيش ڪريان ٿي. هن چيو ته مخالف چون ٿا ته مهانگائي ايتري وڌي چڪي آهي جو ماڻهو ن ليگ سان گڏ نه نڪرندا، پر ڏسي وٺو اوڪاڙه هجي، حافظ آباد هجي يا خانيوال هجي، عوام جو سمنڊ ٻڌائي رهيو آهي ته مهانگائي جي ذميوار ن ليگ نه آهي، اڄ اسان جي سامهون ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي، هي ماڻهو جوتا ڇڏي ڀڄي نڪتا، مون کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ماءُ جي مرڻ جي خبر به جيل ۾ ملي، پنج سال جيلون ڀوڳيون پر مون پنهنجي پيءُ جو ڪنڌ جھڪڻ نه ڏنو. مريم نواز وڌيڪ چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ ۽ انتقام جو الزام هڻندڙ ٻڌائين ته ڇا نواز شريف چيو هو ته سائفر ڏيکاريو، 9 مئي تي رياست تي حملو ڪري ڇڏيو، پوليس وارن تي حملو ڪريو، جعلي انٽراپارٽي اليڪشن ڪرايو، شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪري باهيون ڏيو.