لاهور(پنهنجي ڊيسڪ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت نواز ليگ سان آهي، سُٺو ٿئي ها جو پي ڊي ايم جون پارٽيون معاملي کي حل ڪن ها، چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو اختيار ٻئي ڪنهن وٽ نه، اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، اي سي پي جلد چونڊ شيڊول جاري ڪري
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه هاڻي سڀني کي نظر اچي رهي آهي، اُن بابت خدشا ختم ڪرائڻ جو اختيار آصف زرداري کي ڏنو آهي، اُنڪري مناسب ناهي ته آئون روز اِن تي ڳالهايان
سندس چوڻ هو ته نواز شريف واپسي جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي آجيان ڪندي، اسان ڪيسز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اُميد ته نواز شريف به ڪيسز کي منهن ڏيندو
پ پ چيئرمين چيو ته سُپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ سٺو قدم آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عدليه لاءِ اهم آهي، اُن معاملي تي فُل ڪورٽ جي ٻڌڻي بهتر قدم آهي، هن ڪيس تي فيصلو ايندو ته اي سي پي سوڌو ٻين ڪيسز لاءِ بئنچز جي جوڙجڪ بابت واضح ٿي ويندو
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڀارت دُنيا آڏو وائکو ٿي ويو آهي، عالمي برادري ڪيسائين ڀارت جي اهڙن قدمن کي نظرانداز ڪندي؟ ڪينيڊا ۾ قتل واقعي تي پرڏيهي آفيس کي کُلي ڳالهائڻ گهرجي