ليون ميڪ گرا کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو

ايڊيليڊ: نيٿن ليون آسٽريلوي بالرن جي فهرست ۾ گلين ميڪگرا کي پوئتي ڇڏي ٻئي نمبر تي اچي ويو ليون 564 وڪيٽون وٺي چڪو آهي، جڏهن ته گلين ميڪگرا 563 بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو هو. نيٿن ليون آسٽريلوي بالرن ۾ هاڻي رڳو شين وارن کان پوئتي آهي، شين وارن 708 وڪيٽن سان آسٽريليا جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر آهي.

سريلنڪا جو مُٿييا مرلي ڌرن 800 وڪيٽن سان پهرئين نمبر تي آهي، انگلينڊ جي جيمز انڊرسن 704، سندس هم وطن اسٽورٽ بروڊ 604 ۽ ڀارت جي انيل ڪمبلي جون 619 وڪيٽون آهن. نيٿن ليون سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالرن جي فهرست ۾ هاڻي ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي.