| ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تحفظ جو مطالبو ڪندڙ سپروائزر کي هٽايو ويو |
خيرپور ناٿن شاھ ( رپورٽ ارشاد کوسو) ليڊي هيلٿ سپروائيزر نور بانو ملاح، فاطمه ملاح ۽ سردار بيگم احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 32 سالن کان ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام ۽ پوليو مهم ۾ ايمانداري ۽ فرض شناسي سان ڊيوٽي انجام ڏئي رهي آهيان، پرليڊي هيلٿ ورڪرز جي سيڪيورٽي جي مسئلن جي ڳالھ ڪرڻ، ليڊي هيلٿ ورڪرز جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ، سچ ڳالهائڻ، عورتن جي تحفظ بابت آواز اٿارڻ ۽ مظلوم ليڊي هيلٿ ورڪرز جي حقن لاءِ بيهڻ تان مون کي پوليو جي ڊيوٽي تان هٽائي منهنجي جاءِ تي ڊاڪٽر طارق شيخ کي يو سي ايم او مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي ظلم آهي، اسان جو مطالبو آهي ته ڊي سي دادو طرفان اسان کي هراسان ڪرڻ، بدتميزي سان ڳالهائڻ ۽ پوليو جي ڊيوٽي دوران ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سيڪيورٽي نه ملڻ واري معاملي تي عدالتي ڪميشن ٺاهي وڃي، ان مطالبي لاءِ سموري ضلعي ۾ اسان احتجاج ڪياسين، ڊي ايڇ او دادو هن هراسمينٽ واري معاملي تي انڪوائري لاءِ اعلي اختيارين کي لکڻ بدران مون کي غير آئيني طور هٽائي سنڌ جي 25 هزار ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڊي سي دادو جو هراسمينٽ ۾ ڪرائيم پارٽنر بڻيو آهي هنن چيو ته اسان جا حق خيرات ناهن، اسان جا حق اسان کي ڏيڻا پوندا.هنن اعلان ڪيو ته سڀاڻي اڱاري ڏينهن خيرپورناٿن شاه ۾ ڊي سي دادو ۽ ڊي ايڇ او دادو خلاف سوين ليڊي هيلٿ ورڪرز سان ڪامورن جي ناانصافين خلاف گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.