ليڊي هيلٿ ورڪرز جي نجڪاري ۽ بجيٽ ۾ 75 سيڪڙو ڪٽوتي رد: تحريڪ جو اعلان 

ليڊي هيلٿ ورڪرز جي نجڪاري ۽ بجيٽ ۾ 75 سيڪڙو ڪٽوتي رد: تحريڪ جو اعلان 

ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) آل ليڊي هيلٿ ورڪرز يونين جي چيئرپرسن بشريٰ آرائين چيو آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جي جدوجهد رڳو روزگار نه پر سنڌ جي عوام جي بنيادي صحت جي حق جي تحفظ لاءِ آهي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسين سبب ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام کي آهستي آهستي ختم ڪرڻ، نجي شعبي حوالي ڪرڻ، پرائيويٽائيزيشن يا آئوٽ سورسنگ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جيڪو عوامي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. هن الزام هنيو ته پروگرام جي آپريشنل بجيٽ ۾ 75 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب دوائن، طبي سامان، نگراني ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي سخت متاثر ٿي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پروگرام جو نالو سرڪاري بجيٽ دستاويزن مان به ختم ڪيو ويو آهي، هاڻ وري انهي جي جوڙجڪ ۾ به تبديليون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز  نظام ڪمزور ٿيو ته ٻهراڙين ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ويڪسينيشن، پوليو مهم ۽ ٻين بنيادي صحت جي خدمتن کي نقصان پهچندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال آپريشنل بجيٽ متاثر نه ڪرڻ بابت لکت ۾ يقين ڏياريو هو، انهي واعدي تي عمل نه ڪيو ويو. هن مطالبو ڪيو ته آپريشنل بجيٽ ۾ ڪيل 75 سيڪڙو ڪٽوتي واپس وٺي مهانگائي جي تناسب سان بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وڃي، پروگرام جي سڃاڻپ، نالي ۽ بنيادي ڍانچي کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي، انهي ۾ ڪا به تبديلي نه آندي وڃي. هن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته ڪنهن به قسم جي نجڪاري، آئوٽ سورسنگ يا انتظامي تبديلي کان اڳ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي چونڊيل قيادت سان مشاورت ڪئي وڃي. هن خبردار ڪيو ته سندن جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي،  آئيني ۽ قانوني ويڙهه لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو.